آڊيو ليڪس ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ واري درخواست به خارج

0
42
شاعر احمد فرهاد گمشدگي ڪيس، آءِ ايس آءِ جو سيڪٽر ڪمانڊر عدالت طلب
شاعر احمد فرهاد گمشدگي ڪيس، آءِ ايس آءِ جو سيڪٽر ڪمانڊر عدالت طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ واري درخواست به خارج ڪري ڇڏي

پيمرا، ايف آءِ اي، پي ٽي اي ۽ آءِ بي پاران بشريٰ  بي بي ۽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪس ڪيس ۾ جسٽس بابر ستار تي اعتراض واريندي بينچ کان ڌار ٿيڻ جي استدعا ڪئي هئي، هاءِ ڪورٽ درخواستون ڏنڊ هڻي خارج ڪري ڇڏيون هيون

 اڄ ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته آءِ بي جي بينچ تي اعتراض واري درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا، جسٽس بابر ستار چيو ته توهان جي اعتراض واري درخواست ته اڳ ئي خارج ٿي چڪي آهي، درخواست خارج ٿيڻ جو آرڊر ايندو ته توهان کي به ملي ويندو

جسٽس بابر ستار وڌيڪ چيو ته  آرڊر ۾ ڊي جي آءِ بي کي نوٽيس آهي ته ڇو نه هن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، آرڊر ۾ اهو به پڇيو ويو آهي ته توهان کي درخواست داخل ڪرائڻ جي اٿارٽي ڪنهن ڏني هئي؟ توهان کي جيڪو جواب ڏيڻو آهي اهو آرڊر اچڻ کانپوءِ ڏجو