آصف زرداري جيستائين صدر آهي ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي: عدالت

0
57
آصف زرداري جيستائين صدر آهي ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي: عدالت
آصف زرداري جيستائين صدر آهي ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي: عدالت

ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته آصف علي زرداري جيستائين ملڪ جو صدر آهي سندس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي

عدالت فريال ٽالپور جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي

ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر بڻجي چڪو آهي، کيس آئيني ڇوٽ حاصل آهي، فريال ٽالپور اسيمبلي جي اجلاس سبب مصروف آهي، کيس حاضريءَ کان ڇوٽ ڏني وڃي، عدالت فريال ٽالپور جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي