جي ڊي اي جو اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف سنڌ ۾ ٻيو پاور شو

0
65

جي ڊي اي پاران اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف سنڌ ۾ ٻيو پاور شو ڪيو ويو آهي، مورو باءِ پاس وٽ لڳايل ڌرڻي ۾ پير پاڳارو ذاتي مصروفيتن سبب شريڪ نه ٿي سگهيو

جي ڊي اي اڳواڻن پاران سپريم ڪورٽ جي هاءِ پاور ڪميٽي ذريعي ڌانڌلين جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

صدر الدين شاهه چيو ته پير پاڳارو چوري ڪيل مينڊيٽ جي واپسيءَ تائين احتجاجي تحريڪ جي قيادت جاري رکندو، پيپلزپارٽي وارا پير پاڳاري جي جي ڊي اي کان علحدگي بابت ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن

صفدر عباسي چيو ته پير پاڳاري جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي جي پاور شوز ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ هاڻي پيپلزپارٽي جي نه رهي آهي

مرتضيٰ جتوئي چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مينڊيٽ تي ڌاڙو برداشت نه ڪندا

راشد محمود سومرو چيو ته بلاول چوي ٿو ته سنڌ ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ته فارم 45 کڻي اچو، بلاول صاحب توهان چيف اليڪشن ڪمشنر يا چيف جسٽس آهيو ڇا جو توهان ڏانهن فارم کڻي اچون؟ ڌاڙو هنيل مينڊيٽ واپس ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو

اياز لطيف پليجو چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي هر شيءِ وڪڻي ڇڏي آهي، هنن سنڌ جي اميد به وڪرو ڪئي آهي