لاهور ۾ مڇريل ماڻهن جي هجوم کان عورت کي بچائيندڙ اي ايس پي شهربانو هيرو بڻجي وئي

0
60

لاهور ۾ مڇريل ماڻهن جي هجوم کان عورت کي بچائيندڙ اي ايس پي شهربانو هيرو بڻجي وئي، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ نوازليگ جي نامزد سي ايم مريم نواز پاران به شهربانو جي بهادريءَ جي واکاڻ

 سوشل ميڊيا تي به بهادر ليڊي آفيسر جي دليريءَ جي واکاڻ  ڪئي وئي، گذريل ڏينهن اڇرا مارڪيٽ ۾ هڪ عورت عربي خطاطي وارو لباس پهري ريسٽورينٽ ۾ پهتي

 مڇريل ماڻهن عربي خطاطي کي قرآني آيتون سمجهي عورت جو گهيراءُ ڪيو ۽ کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، اي ايس پي شهربانو ٿڏي تي  پهچي عورت کي مڇريل ماڻهن کان بچائي ورتو

 مريم نواز چيو ته اسان کي شهربانو جهڙن آفيسرز تي فخر آهي، هوءَ بر وقت ايڪشن نه کڻي ها ته وڏي سانحي جو خدشو هو