وڏيري جي ظلم جو شڪار ٿيل اٺ ڪراچي منتقل، مصنوعي ڄنگهه لڳائي ويندي

0
30
سانگهڙ جي عدالت ڏاچيءَ جي ڄنگهه وڍڻ واري واقعي جو ڪيس علائقي جي زميندار خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سانگهڙ جي عدالت ڏاچيءَ جي ڄنگهه وڍڻ واري واقعي جو ڪيس علائقي جي زميندار خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جو چوڻ آهي ته وادر جي ظلم جو شڪار اٺ کي مصنوعي ڄنگهه لڳائي ويندي

هڪ بيان ۾ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اٺ کي ڪالهه ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي

ايس ايس پي اعجاز شيخ جو چوڻ آهي ته اُٺ جي ڄنگهه ڪٽڻ جي الزام ۾ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان 2 جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي

واضح رهي ته سانگهڙ ۾ 2 ڏينهن اڳ زمين ۾ داخل ٿيندڙ اُٺ جي ٽنگ ڪٽي وئي هئي

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري متاثر اُٺ جي مالڪ کي ٻه اُٺ ڏيڻ جو اعلان ڪندي پوليس کان اُٺ تي ظلم ڪندڙن خلاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي

ورڪشاپ: اٺ جي ٽنگ وڍڻ جو اڻڄاتلن تي ڪيس داخل، 5 گرفتار، وڏيري کي بچائڻ جا الزام