ڪراچي ۾ شروع ٿيل برسات جو سلسلو رات دير تائين جاري رهندو: پي ڊي ايم اي

0
54
ڪراچي ۾ شروع ٿيل برسات جو سلسلو رات دير تائين جاري رهندو: پي ڊي ايم اي
ڪراچي ۾ شروع ٿيل برسات جو سلسلو رات دير تائين جاري رهندو: پي ڊي ايم اي

ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه ۽ ڊي جي ميٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ شروع ٿيل برسات جو سلسلو رات دير تائين جاري رهندو، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سڀاڻي منجهند تائين برسات جاري رهي سگهي ٿي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ امڪاني ٻوڏ سميت ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جون تياريون مڪمل آهن

هن چيو ته ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل آهن، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن کي به پاڻي نيڪال ڪرڻ جون مشينون ڏنيون ويون آهن

 موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان رات دير تائين جاري رهندو، سڀاڻي تائين ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو بند ٿي ويندو، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سڀاڻي منجهند تائين وسڪارو جاري رهي سگهي ٿو

هن چيو ته ڪراچي ۾ 55 ملي ميٽر برسات سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، طوفاني برساتن جي اڳڪٿي سبب سنڌ سرڪار صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري چڪي آهي، سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ملازمن کي اڄ اڌ ڏينهن جي موڪل به ڏني وئي