گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي پراڻي مارڪيٽ جو رهواسي نوجوان ساجد علي پٽ راشد علي شيخ گذريل 15 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، ان حوالي سان نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته ساجد علي شيخ گمس اسپتال ۾ پرائيويٽ وارڊ بواءِ طور ڪم ڪندو آهي، جيڪو گذريل 15 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.