قادرپور ۾ ارڙي وگهي هڪ ئي ڪٽنب جون 2 ٻارڙيون فوت
ڀٽا محلي واسي پورهيت مشتاق ڀٽو جي ٻن سالن جي ٻارڙي ڪلثوم ۽ سڌير ڀٽو جي 4 سالن جي ٻارڙي عائشه ارڙي وگهي دم ڏنو
ٻنهي ٻارڙين جا لاش کڄڻ تي گهر ۾ ڪهرام، علائقي ۾ سوڳ
علائقي واسين موجب وڌيڪ ڪيترائي ٻار ارڙيءَ ۾ مبتلا آهن پر صحت کاتو اگهور ننڊ ستل آهي، صحت کاتي جون ٽيمون اماڻڻ جو مطالبو