گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن جو ٻيهر راڪيٽن سان حملو

0
65
ڪيٽي بندر ۾ بي حس ماءُ هٿان ڇرين جا وار ڪري معصوم نياڻي قتل
ڪيٽي بندر ۾ بي حس ماءُ هٿان ڇرين جا وار ڪري معصوم نياڻي قتل

گهوٽڪيءَ جي ڪچي ۾ پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن جو ٻيهر راڪيٽن سان حملو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري فرار ٿي ويا

ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي بچاءَ بند پڪٽ نمبر 38 تي مبينا حملو ڪيو ويو، پوليس جا وڏا اٽالا علائقي ۾ پهتل، هڪ ڪلاڪ مقابلو جاري رهيو

 پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل راحب شر ساٿين سميت پوليس پڪٽ  تي حملو ڪري راڪيٽ فائر ڪيا،  پوليس هڪ ڪلاڪ تائين ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو

ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته پوليس جو گهيرو تنگ ڏسي ڌاڙيل فرار ٿي ويا، ڌاڙيل راحب شر اڳ به پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو هو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ  بعد فرار ٿي ويو هو