ڪراچي ضلعي ڏکڻ ۽ ميرپورخاص جي ماحولياتي نمونن ۾ پهريون ڀيرو پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي
اختيارين موجب اپريل ۾ ملڪ جي 10 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي تصديق ٿي هئي، جنهن ۾ ڪراچي جي ڪياماڙي ضلعي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو جا ماحولياتي نمونا شامل هئا
سکر ۽ جيڪب آباد مان آيل ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، ان کان علاوه ڪوئيٽا، چمن ۽ نصيرآباد ضلعن ۾ ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي
پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي ٽن مهينن تائين 33 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس ملي چڪو آهي، ملڪ ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين پوليو جا 2 ڪيس سامهون آيا آهن