سڪرنڊ ويجهو پلاٽ جي مالڪيءَ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڀائر مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن
ڳوٺ ماڙي ثابقي ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ صدورو ۽ وسيم گولين جو بک بڻجي ويا
محمد مٺل ۽ محمد علي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، جڏهن ته پوليس پهچي مقتولن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو
پوليس موجب زخمين کي نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعو زمين جي مالڪي تان پيش آيو آهي