12 آگسٽ تي مُدو پورو ٿيڻ سان اسيمبلي ٽـُٽِي ته 11 آڪٽوبر کان اڳ چونڊون ڪرايون وينديون، مُدو پورو ٿيڻ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙي وئي ته 3 مهينن ۾ چونڊون ٿينديون
عام چونڊون نوَن چونڊن سڌارن ۽ پُراڻين تڪبندين تحت ڪرايون وينديون، اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري جي اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ
ظفر اقبال چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، ڊي آر اوز ۽ آر اوز لاءِ عدليه سان رابطو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن انتظامي ۽ عدليه سوڌو پنهنجا آفيسر استعمال ڪري سگهي ٿي
اُن کان اڳ تقريب کي خطاب ۾ سيڪريٽري اي سي پي عمر حميد چيو ته پي ٽي آءِ جو پرڏيهي فنڊنگ وارو معاملو عدالت ۾ آهي، اُن تي نٿو ڳالهائي سگهجي، قانون موجب هر سياسي پارٽي لاءِ فنڊز جو رڪارڊ رکڻ لازمي آهي