اسلام آباد (م ڊ) 9 مئي واقعن بابت ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) سامهون پيش ٿيڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ چيئرمين کان 9 مئي بابت سوال ڪيا، جي آءِ ٽي هڪ ڊي آءِ جي، هڪ ايس ايس پي ۽ 4 ايس پيز تي ٻڌل هئي، عمران خان هڪ ڪلاڪ اندر رهيو ۽ کانئس سمورا سوال ڪانفرنس روم ۾ ڪيا ويا، ذريعن موجب جي آءِ ٽي ميمبرن جو عمران خان کي چوڻ هيو ته اسان اوهان کان رڳو پروفيشنل سوال ڪنداسين، عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي پلاننگ ٿي يا اتفاق هيو؟ ان تي پي ٽي آءِ چيئرمين جواب ڏنو ته پلاننگ ڪٿان ٻئي هنڌان ٿي، ان جو مون سان ڪو تعلق ناهي، جي آءِ ٽي طرفان پڇيو ويو ته اوهان جا ماڻهو ڪنٽونمينٽ ۾ ڇو ويا هيا؟ ان تي عمران خان جو چوڻ هيو ته جڏهن ڪمانڊر مون کي گرفتار ڪندو ته ماڻهن کي اوڏانهن ئي وڃڻو هيو، جي آءِ ٽي طرفان چيو ويو ته ثبوت آهن ته اوهان انهن کي مڇرايو ۽ حڪم ڏنا، ان تي عمران خان جو چوڻ هيو ته سڀ ماڻهو پنهنجي مرضي سان انهن هنڌن تي ويا، ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو هڪ سازش هئي، ذريعن موجب جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ چيئرمين کي مختلف وڊيوز ۽ تصويرون به ڏيکاريو پر هن مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهي منهنجا ماڻهو ناهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جو چوڻ هيو ته مان واپس ايندس ۽ اوهان کي پنهنجي انهن سمورين ڪارروائين جو جواب ڏيڻو پوندو، واضح رهي ته عمران خان 9 مئي جي واقعن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سامون پهريون ڀيرو پيش ٿيو، کيس لاهور جي قلعي گجر پوليس هيڊ ڪوارٽرز ۾ جي آءِ ٽي جي سامون پيش ٿيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو هيو.