گوجرانوالا (م ڊ) گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ 51 پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڏوهي قرار ڏيندي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا ٻڌايلن ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ڪليم الله خان ۽ پي ٽي آءِ جا مقامي اڳواڻ شامل آهن، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج مسز نتاشه نسيم ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي مختصر فيصلو ٻڌايو، 9 مئي تي گوجرانوالا ڪينٽ جي راهوالي چوڪي تي حملي جو ڪيس ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو، جوابدارن خلاف ٽرائل گوجرانوالا جيل اندر هلايو ويو ۽ فيصلو به جيل جي ڪورٽ روم ۾ ٻڌايو ويو. جوابدارن کي واقعي واري هنڌ تان ۽ واقعي بعد سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ جيو فينسنگ جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو هو، ٽرائل دوران 119 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، 9مئي واقعي جي ڪيس ۾ ڪنهن به عدالت پاران ٻڌايل هي پهرين سزا آهي، انهي ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان خلاف فيصلو سندس عدم تعاون جي ڪري ٽري ويو، عمران جو چالان بعد ۾ جمع ڪرايو ويندو، ساڳئي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي به نامزد آهي، عمر ايوب، علي امين گنڊاپور، حماد اظهر، زين قريشي، زرتاج گل سوڌو پي ٽي آءِ جا 70 اڳواڻ عدالتي مفرور آهن.