اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سماجي تحفظ واري ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪندي هلندڙ سال دوران 80 هزار 933 رپين تائين بينڪ بيلنس رکندڙ اڪائونٽن کي زڪوات جي ڪٽوتي کان آجو قرار ڏنو آهي، نوٽيفڪيشن مطابق ان کان وڌيڪ رقم رکندڙ اڪائونٽن مان زڪوات جي ڪٽوتي ٿيندي، جيڪا ڪٽوتي پهرين رمضان کان شروع ٿيندي، ائين زڪوات جي ڪٽوتي سمورن سيونگ اڪائونٽس، منافعي ۽ نقصان جي بنياد تي قائم ٿيل اڪائونٽن مان 14 يا 15 اپريل تي ڪئي ويندي، گذريل سال دوران 46329، سال 2019ع دوران 44415، سال 2018ع دوران 39198، سال 2017ع دوران 38405 رپين تائين بينڪ بيلنس رکندڙ اڪائونٽن کي زڪوات ڪٽوتي کان آجو قرار ڏنو ويو هو.