ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمون مڪمل نه ٿيڻ جو ذميوار نگران حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته گذريل سال به وفاقي حڪومت سنڌ لاءِ اعلانيل پئسا صوبي جي حوالي نه ڪيا، وڏي وزير وفاق کان اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ 75 هزار ۽ پوليس سميت ٻين کاتن ۾ خالي پيل جاين تي جلد ميرٽ تي ڀرتيون ڪنداسين. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه سنڌ اسيمبلي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران مالي سال 2024_25ع جي 3 هزار 56 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وڏي وزير چيو ته نگران حڪومت پاران ترقياتي اسڪيمون بند ڪيون ويون هيون، جنهن ڪري ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿيڻ ۾ سست رفتاري پيش آئي. هن چيو ته اسان ترقياتي بجيٽ لاءِ 60 ارب روپيا رکيا آهن، وفاقي حڪومت به اسان جون اسڪيمون ختم ڪيون، وفاق کي سنڌ کي به پاڪستان سمجھي ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ گھرجن. هن چيو ته نئين مالي سال ۾ ڪا به نئين ترقياتي اسڪيم شامل ناهي، پر جيڪي هلندڙ اسڪيمون آهن سمورو زور ان اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ تي لڳايو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ٻين سمورن صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ جيڪي هدف مقرر ڪيا ويا آهن انهن کي پورو ڪيو ويندو. ايندڙ سال وڌيڪ گروٿ طرف وينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته موجوده روينيو جو 70 سيڪڙو خرچ پگھارن تي ويندو آهي، هن چيو ته گريڊ هڪ کان گريڊ 6 تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي ان سان سنڌ ۾ هڪ گريڊ جي سرڪاري ملازم جي گھٽ ۾ گهٽ پگھار به 37 هزار ٿي ويندي. هن چيو ته نئين سال جي بجيٽ ۾ سيلاب متاثرن لاءِ به قدم کنيا ويا آهن، پيپلز هائوسنگ اسڪيم  لاءِ 25 ارب روپيا رکيا ويا آهن، هاري ڪارڊ لاءِ 8 ارب روپيا رکيا ويا آهن.  جڏهن ته وفاق پاران ڪي فور منصوبي لاءِ 25 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ ڪي فور سان منسلڪ پائيپ لائينز سسٽم جي تعمير لاءِ سنڌ صوبي طرفان به بجيٽ ۾ 170 ارب روپيا رکيا پيا وڃن، هن چيو ته ڪي فور منصوبي جا 3 حصا آهن جن جي مڪمل ٿيڻ بعد ثمر عوام تائين پهچندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال معاشي ترقي جي شرح جو هدف پورو نه ڪري سگھياسين، ايندڙ مالي سال 3.5 سيڪڙو معاشي ترقي جي شرح جو هدف پورو ڪرڻ به ڏکيو لڳي ٿو پر ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جڏهن ته ايندڙ سال سنڌ روينيو بورڊ جو هدف 350 ارب روپيا هوندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان نه پهريون ڀيرو حڪومت ڪريون پيا نه وري آخري ڀيرو حڪومت ۾ آيا آهيون. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته چيو ته اسان ڏکين حالتن ۾ بجيٽ ٺاهي آهي، هاڻوڪي بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، سنڌ ڪابينا بجيٽ ۾ ڪا به نئين اسڪيم شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، سموريون جاري اسڪيمون هلندڙ سال مڪمل ڪنداسين، وفاق کان اسان کي 19 سئو ارب روپيا ملڻ جي اميد آهي، وزيراعظم نئين مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 30 ارب روپيا ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي، وزيراعظم جا ڪيل وعدا لکت ۾ اسان وٽ اچي ويا آهن، هاڻي خبر ناهي ته پئسا اچن ٿا يا نه؟ وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پئسا ايندا.