پي ٽي آءِ جا 51 ڪارڪن 9 مئي هنگامن جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار، قيد جي سزا

0
52
پي ٽي آءِ جا 51 ڪارڪن 9 مئي هنگامن جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار، قيد جي سزا
پي ٽي آءِ جا 51 ڪارڪن 9 مئي هنگامن جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار، قيد جي سزا

اسلام آباد: 9 مئي واقعن جي ڪيسن مان هڪ ڪيس ۾ جوابدارن کي پهرين سزا ٻڌائي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي 51 ڪارڪنن کي9 مئي هنگامن جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي

 گجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، پي ٽي آءِ باني بابت فيصلو جاچ ۾ سندس عدم سهڪار سبب ٽري ويو، چالان بعد ۾ جمع ڪرايو ويندو

سزا مليل ڏوهارين تي 9 مئي تي گجرانوالا ڪينٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ هنگامن جو ڪيس داخل ٿيل آهي، ساڳئي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي به جوابدار نامزد ٿيل آهن

عمر ايوب، علي امين گنڊاپور، حماد اظهر، زين قريشي ۽ زرتاج گُل سوڌو پي ٽي آءِ جا 70 اڳواڻن کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي