ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته دليون هاڻي استادن جي خواهش موجب نه پر آن لائين ٿينديون، جن جن اسڪولن ۾ استادن جون جايون خالي هونديون، ڀرپاسي جي اسڪولن جا واڌو استاد انهن اسڪولن ۾ موڪلينداسين، سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان استادن جي سکيا لاءِ نجي اداري سان معاهدو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ استادن جي سکيا شروع ٿي وئي آهي، آءِ بي اي سکر سميت وڏن سٺن ادارن سان به رابطي ۾ آهيون ته جيئن استادن جون ڀرتيون صاف شفاف طريقي سان ڪري سگهجن. 37 هزار کان وڌيڪ استاد ڀرتي ڪرڻا آهن، ڪورونا ڪري ٿوري دير ٿي آهي پر جلد ئي جايون ڀرڻ وارو مرحلو مڪمل ڪيو ويندو. پي ايس ٽيز کي 9 کان 14 ۾ اپ گريڊ ڪيو آهي، پرائمري استاد هاڻي ريٽائرمنٽ تائين صرف پرائمري استاد ئي رهندو انهي جو پروموشن ضرور ٿيندو پر اهو ترقي ماڻي جي اِي ايس ٽي يا ايڇ ايس ٽي ٿي نه سگهندو.