شنگهائي (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ چيني عورت کي دوکو ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهو انڪشاف ٿيو آهي ته اها هڪ ئي وقت 16 مختلف ڪمپنين ۾ ملازم آهي، پر هن هڪ ڏينهن به حاضري ناهي ڏني ۽ 3 سالن تائين پگهار کڻندي رهي آهي، چيني ميڊيا طرفان گوان يو جي نالي سان سڃاڻپ ڪيل عورت مبينا طور تي هڪ درجن کان وڌيڪ واپارين سان جڙيل هئي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن تائين پگهارن جا چيڪ وصول ڪري رهي هئي، جاچ ۾ ان وقت حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن اهو انڪشاف ٿيو ته عورت 16 ڪمپنين مان ڪنهن هڪ جي لاءِ به ڪم ناهي ڪيو، سندس مڙس به، جيڪو ان معاملي ۾ شڪي آهي، ان مبينا طور تي واپارين جو رڪارڊ احتياط سان رکيو، جنهن ۾ زال جي هر ڪمپني ۾ پوزيشن، ڪم شروع ڪرڻ جي تاريخ ۽ بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل، جنهن ۾ ماهوار پگهار ايندي هئي، شامل آهن، گوان يو مسلسل نون واپارين جي ڳولا ۾ رهندي هئي ۽ جڏهن نوڪري لاءِ نئين انٽرويوز لاءِ ويندي هئي ته اها فوٽو ڪڍرائيندي هئي ۽ موجوده واپارين کي ان ثبوت طور موڪليندي هئي ته اها گراهڪن سان ملي رهي آهي، سالن تائين ايئن ڪمائي بعد گوان يو شنگهائي ۾ هڪ مهانگو اپارٽمينٽ به پنهنجي لاءِ خريد ڪيو.