ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، پاسپورٽ آفيس جا 2 آفيسر گرفتار، ايف آءِ اي موجب ڪائونٽر ٽيررزم ونگ جي ٽيم ڪراچي ۾ ڇاپو هڻي 294 پرڏيهين کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ ملوث 2 جوابدارن فريد شاهه ۽ نصرت علي کي گرفتار ڪري ورتو،  جوابدار فريد شاهه پاسپورٽ آفيس ۾ سپرنٽينڊنٽ  ۽ نصرت علي اڳوڻو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. فريد شاهه 63 پرڏيهين کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ ملوث آهي، جڏهن ته نصرت علي 231 افغانين کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪيا. جوابدارن خلاف 2 ڪيس داخل ٿيل آهن،