شنگھائي (انترسٽنگ نيوز) چين سان واسطو رکندڙ 80 ورهين جي شخص ”لي“ 23 ورهين جي ”زيائو فانگ“ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي. چين جي صوبي هيبي سان واسطو رکندڙ لي ۽ زيائو فانگ اڳ ۾ دوست هئا پر ٻنهي جي دوستي محبت ۾ تبديل ٿي وئي، پوءِ ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو. توڙي جو ناريءَ جي گهر ڀاتين طرفان ان شادي جي مخالفت ڪئي وئي پر زيائو فانگ پنهنجي والدين سان رشتو ٽوڙي پيرسن شخص سان شادي جو فيصلو ڪيو. رپورٽن موجب ناري 80 ورهين جي شخص سان شادي جو فيصلو سندس پراثر شخصيت، سمجهداري ۽ حڪمت مان متاثر ٿي ڪيو، جڏهن ته 80 ورهين جو لي، زيائو فانگ جي جواني، هوشيارپ ۽ معصوميت تي قربان ٿيو آهي. سوشل ميڊيا واهپيدار جتي ان جوڙي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا، اتي ئي وري ڪيترائي واهپيدار حيرانگي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ کين مبارڪباد به ڏئي رهيا آهن.