ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سال 2023ع جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي ڊالر 283 رپين تي پهتو: سون 1900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1900 رپيا لاٿ سان 222800 مان 220900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 15 ڊالرن جي گهٽتائي سان  2070 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو. ٻئي طرف چاندي 10 رپيا لاٿ سان 2560 مان 2550 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 284 مان 283 ۽ انٽر بينڪ ۾7 پئسا گهٽتائي سان 281.86 رپين تي پهتو، واضح رهي ته  هلندڙ سال دوران انٽر بينڪ ۾ ڊالر 55.43 رپيا يعني 24 سيڪڙو مهانگو ٿيو، هوڏانهن پائونڊ ۽ يورو هڪ رپيو لاٿ سان 362 مان 361 ۽ 313 مان 312 رپين تي بند ٿيا