سکر: سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر مان ٽريفڪ نظام جي بهتري، صفائي سٿرائي توڙي مينهن جي واڙن سبب شهرين کي درپيش پريشانيون ختم ڪرڻ جي لاءِ سال 2007ع ۾ بس ٽرمينل ويجهو 90 ايڪڙن تي مشمل ڪيٽل ڪالونيءَ قائم ڪئي وئي، اِن دوران شهر مان واڙا ٻاهر منتقل ڪرڻ جي لاءِ اُن وقت جي ضلعي ناظم سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڊي سي عبدالمجيد پٺاڻ طرفان ڪيٽل ڪالونيءَ ۾ بجلي، پاڻي، ڊرينيج، روڊن رستن جي سهولت، ٻهراڙي هجڻ سبب پوليس جي سيڪيورٽي ڏيڻ سميت سموريون بنيادي سهولتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، پر 12 سال گذرڻ باوجود هن وقت تائين ڪيٽل ڪالونيءَ ڄاڻايل سهولتن کان وانجهيل آهي، ڪيٽل ڪالونيءَ ۾ ڊرينيج نظام ناڪارا هجڻ سبب گندو پاڻي بيهجڻ معمول بڻيل آهن، مينهن جي وهنجڻ جي لاءِ قائم تلاءٌ گنديءَ پاڻي جي ور چڙهي ويو آهي، صفائي سٿرائي جو بهتر نظام نه هجڻ سبب ڇيڻان پڻ گهٽين ۽ رستن تي اُڇلايا پيا وڃن.