سکر: تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گيلو ۾ مليل ڄاڻ موجب 150 ايڪڙ ستن ڀائرن جي زمين آھي، جنھن جي ورھاست  تان ورھين کان جھيڙو ھلندڙ ھو، ان تان 14 سال اڳ غلام اڪبر ۽ سندس حامي ڀائر ڳوٺ ڇڏي سکر ۾ ڪرائي جي جاءِ تي آباد ٿيا. حصي واري زمين جي اپت توڙي مزدوري مان خاندان جو پيٽ پاليندا ھئا. ھڪ سال اڳ غلام اڪبر شيخ جو والد غلام رسول شيخ انتقال ڪري ويو، جنھن کان پوءِ ڀائرن ۾ زمين جي ورھاست وارو مسئلو وڌي ويو.