ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) 12 مئي سانحي کي 15 سال مڪمل ٿي ويا، متاثر اڄ به انصاف لاءِ منتظر آھن. ان ڏس ۾ سنڌ بار ڪائونسل پاران اڄ صوبي  جي سمورين عدالتن ۾ بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آھي، سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ذوالفقار جلباڻي بيان جاري ڪندي چيو آھي  ته سموريون بار ايسوسيئيشنز جنرل باڊي جا اجلاس  ڪوٺائي ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌن. ٻئي طرف 50 جانيون کسيندڙ 12 مئي سانحي جا 7 ڪيس اڃا ٻڌڻين  هيٺ آهن، انھن ڪيسن ۾ پراسيڪيوشن پاران 15 کان وڌيڪ شاھدن کي نامزد ڪيو ويو آھي، جن مان 6 شاھدن جا بيان ئي قلمبند ٿي سگھيا آھن، انهن ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ اڳوڻي گھرو وزير وسيم اختر، ايم ڪيو ايم جي گلشن معمار جي سيڪٽر انچارج عمير صديقي سميت 20 جوابدار نامزد آھن، وسيم اختر سميت ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آھن، جڏهن ته عمير صديقي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ آھي.