11 آگسٽ 1947ع واري تقرير جي مناسبت سان … قائداعظم ڪھڙي آئين جو خاڪو پيش ڪيو هو؟

0
115
11 آگسٽ 1947ع واري تقرير جي مناسبت سان ... قائداعظم ڪھڙي آئين جو خاڪو پيش ڪيو هو؟

 3 جون 1947ع تي هندستان جي آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن Transfer of powers يعني اختيارن جي مقامي هندستانين ڏانھن منتقلي جو اعلان ڪيو. ان سلسلي ۾ هن تنھن وقت جي ناليوارن هندستاني سياستدانن, جن ۾ جناح، نھرو، پٽيل، آچاريا ڪرپالاڻي، بلديو سنگھ, عبدالرب نشتر، لياقت علي خان وغيره شامل هئا، جي هڪ ڪانفرنس سڏائي، جنھن ۾ هن برطانوي سرڪار جي حڪمن موجب پنھنجو جڳ مشهور Mountbatten Plan يا هندستاني سياسي تاريخ ۾ جنھن کي Partition Plan  جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي، پيش ڪيو. ان پلان تي عمل درآمد لاءِ انگريز سرڪار پنھنجي قانونساز اداري مان هڪ قانون Indian Independence Act 1947 جي نالي سان پاس ڪيو. ان قانون موجب هندستان ۽ پاڪستان جي قيام کي عمل ۾ آندو ويو. گڏوگڏ ٻنھي ملڪن جون ڌار ڌار آئين ساز اسيمبليون پڻ جوڙيون ويون. انڊيا گزيٽ جي 26 جولائي 1947ع ۾ جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن موجب 69 ميمبرن تي مشتمل پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جوڙي وئي. ميمبرن جو تعداد بعد ۾ 79 ڪيو ويو. آئين ساز اسيمبليءَ جي اختيارن مان هڪڙو اختيار ان اسيمبلي کي آئين ٺاهڻ جو مليل هو. قيام ۾ اچڻ بعد پاڪستان جو عبوري آئين Government of India Act 1935  کي ڪيو ويو.

پاڪستان جي پھرين آئين ساز اسيمبلي جو پھريون اجلاس سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ڪراچي ۾ 10 آگسٽ 1947ع تي شروع ٿيو. 11 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم محمد علي جناح کي پاڪستان جي پھرين آئين ساز اسيمبلي جو صدر چونڊيو ويو. 14 آگسٽ 1947ع يعني عملي طور اختيارين جي منتقلي ۽ پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي پاڪستان جي آئين سازي جو ڪم شروع ٿي چڪو هو. ساڳئي ڏينھن يعني 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ٺاهڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙي انھن کي مختلف ڪم ڏنا ويا. انھن مان “بنيادي حقن بابت ڪميٽي” گھڻي مشھور آھي. 11 آگسٽ 1947ع واري ڏينھن ئي پاڪستان جي باني، پاڪستان جي پھرئين گورنر جنرل ۽ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جي صدر محمد علي جناح پنھنجو تاريخي خطاب ڪيو. محمد علي جناح جي پاڪستان جي آئين ٺاهڻ واري اهم اداري ۾ بطور صدر جي ڪيل اها تقرير تمام گھڻي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها تقرير پاڪستان جي نئين آئين جو خاڪو پيش ڪري ٿي. نئين وجود ۾ آيل ملڪ پاڪستان جو آئين ڪھڙي نوعيت جو هوندو؟ ڇا اهو سيڪيولر هوندو يا ڪجھ ٻيو هوندو؟ ان سوال جو جواب خود محمد علي جناح جي تقرير ۾ ڏنل آهي. محمد علي جناح جي ان تقرير تي تبصرو ڪندي جڳ مشهور ڪتاب Constitutional and political history of Pakistan  جي ليکڪ حامد خان پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، “11 آگسٽ 1947ع ڌاري پاڪستان جي پھرين آئين ساز اسيمبليءَ جو پھريون صدر چونڊجڻ بعد جناح پنھنجو هڪ تاريخي صدارتي خطاب ڪيو. اهو خطاب بنا ڪنھن وڌاءُ جي جناح جي تقريرن مان سڀ کان اهم ۽ يادگار خطاب آهي، جنھن ۾ هن پاڪستان جي تصور، نظريي ۽ آئيني جوڙجڪ جو خاڪو پيش ڪيو. اهڙو خاڪو جيڪو پاڪستان جي عوام جي امنگن منجهان هجي. هن اهو پڻ واضح ڪيو ته هن آئين ساز اسيمبليءَ جا ٻه بنيادي ڪم آهن: هڪڙو پاڪستان جي آئين جي جوڙجڪ ۽ ٻيو وفاقي قانونساز اداري جي حيثيت ۾ خودمختيار اداري طور ڪم ڪرڻ. هن چيو ته حڪومت جي پھرين ذميواري قانون لاڳو ڪرڻ ۽ ماڻھن جي زندگي، مال ملڪيت ۽ مذهبي عقيدن جو تحفظ ڪرڻ آهي. هن ڪرپشن ۽ اقربا پروري کي قاتل زهر سڏيو. پنهنجا نوازي، بليڪ مارڪيٽنگ کي هن وڏا ڏوھ قرار ڏنو، جيڪي سماج جي تباهي جا بنياد وجهن ٿا. هن هندو ۽ مسلمانن سميت سمورين مذهبي ڌرين کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ جو سڏ ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جا سمورا شهري بنا ڪنهن رنگ، نسل، ذات ۽ فرقي جي پنهنجا بنيادي حق استعمال ڪندا.

(See constitutional and political history of Pakistan by Hamid khan)

قائداعظم محمد علي جناح جي ان تاريخي خطاب ۾ مذهبي آزادي بابت هن پنھنجي خيالن جو اظھار ڪجهه هن ريت ڪيو: جناح صاحب چيو ته، “هن رياست پاڪستان ۾ توهان آزاد آهيو، توهان آزاد آهيو پنھنجن مندرن ۾ وڃڻ لاءِ، توهان آزاد آهيو پنھنجي مسجدن يا ڪنھن به ٻي عبادتگاهه ۾ وڃڻ لاءِ. توهان ڪهڙي به مذهب، ذات يا نسل سان واسطو رکندڙ آهيو، ان ڳالھ جو هن رياست جي ڪار وهنوار سان ڪو به تعلق ناهي. مان هاڻي سوچيان پيو ته اسان کي هاڻي اهو پنھنجو اصول بڻائي ڇڏڻ گهرجي ۽ توهان ڏسندا وقت گذرڻ سان هندو، هندو نه رهندا، مسلمان، مسلمان نه رهندا. مذهبي معنيٰ ۾ نه، ڇاڪاڻ ته اهو هر ڪنھن جو ذاتي عقيدو آهي پر سياسي معنيٰ ۾، هن رياست جي شهري جي حيثيت سان.” جناح صاحب جي ان تقرير تي تبصرو ڪندي حامد خان وڌيڪ لکي ٿو ته، “ان تقرير مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پاڪستان جي مستقبل جي آئين بابت جناح جو تصور ان ڳالھ جي ضمانت ڏئي ٿو ته پاڪستان جا سمورا شھري پنھنجي فرقي، ذات، رنگ ۽ نسل جي قطع نظر، سڀ برابر جا شھري آھن. ٻيو ته ھر ماڻھوءَ کي پنھنجي مذھبي عقيدي جي عبادت وغيرہ جي مڪمل آزادي ھوندي، چاھي ھنن جو مذھب ڪھڙو به ھجي. ٽيون ته سمورا مذھبي، لساني، نسلي ۽ بيا فرق صرف سياسي حد تائين وجود رکندا پر آئين ان ڳالھ کي يقيني بنائيندو ته ملڪ انھن سمورن فَرقن کي پاسيرو رکي ترقي ڪندو رھندو. چوٿون اھو ته پاڪستان ڪا مذھبي رياست نه ھوندي. مذھب ھر ماڻھوءَ جو ذاتي مسئلو ھوندو. مختصر طور اھو ته جناح صاحب پاڪستان کي مڪمل طور تي جمھوري، ترقي ڪندڙ، جديد رياست طور ڏسڻ پئي چاھيو، جنھن جون سموريون توانايون ماڻھن، خاص ڪري غريب عوام جي ترقيءَ ۾ صرف ٿينديون ۽ ڪرپش، اقربا پروري، پنھنجا نوازي جھڙيون بيماريون جڙ کان ختم ڪيون وينديون”.

 (See constitutional and political history of Pakistan by Hamid khan)

جن ماڻھن جو خيال آهي ته جناح صاحب پاڪستان جي آئين کي مذهبي بنيادن تي قائم ڪرڻ چاهيو پئي يا اهو ته هن پاڪستان کي هڪ مذهبي ملڪ طور ڏسڻ چاهيو، ان جو جواب خود جناح صاحب هنن لفظن ۾ ڏنو آهي ته، “نئين رياست جديد ۽ سيڪيولر هوندي، جنھن ۾ حق حاڪميت عوام وٽ هوندو. سڀني کي ذات پات جي فرق بغير برابر شهرين جھڙا حق حاصل هوندا.”

 (See interview Doon Campbell… Reuters’s correspondent in New Delhi in 1946)

اها ٻي ڳالهه آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي وفات بعد مارچ 1949ع ۾ ملڪ جي تنھن وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان “Aims and objectives of the Constitution” جي نالي سان هڪ قرارداد آندي، جيڪا بعد ۾ قراردادِ مقاصد جي نالي سان مشھور ٿي. ان قرارداد وسيلي پاڪستان جي سيڪيولر آئين جو چهرو مسخ ڪيو ويو ۽ نيٺ 24 آڪٽوبر 1954ع تي ان آئين ساز اسيمبلي کي آئين ٺاهڻ کان اڳ ئي هڪ بيوروڪريٽ ملڪ غلام محمد، جيڪو تنهن وقت پاڪستان جو گورنر جنرل هو، ٽوڙي ڇڏيو. ملڪ جي باني طرفان جنھن آئين جو تصور ڏنو ويو، اهو اڄ به عملي جامو پائڻ لاءِ ملڪي حڪمرانن ۽ قانونساز ادارن ۾ ويٺل قانونسازن ڏانھن واجھائي رهيو آهي. پر افسوس ملڪ جي باني جي هوندي به انھن ادارن تي وڏيرن، نوابن، جاگيردارن، سردارن، پيرن، ميرن، چوڌرين، خانن جي حڪمراني هئي ۽ اڄ به اهي ئي صاحب اقتدار آهن، جيڪي نٿا چاهين ته سندن مفادن کي ڪو نقصان پھچي.

[email protected]