ھڪ ساحلي شھر جو مرثيو … نه سي تڙ ھوڙاڪ۔۔۔۔!!

0
12
ھڪ ساحلي شھر جو مرثيو ... نه سي تڙ ھوڙاڪ۔۔۔۔!!

 اوڻيھ سئو ڇاھٺ جو سال ھجي مھينو ۽ تاريخ ياد ڪون اٿم زندگي جي اھا خوبصورت شام. سنڌي سمنڊ ۾ لھندڙ سج جو  دلڪش نظارو اڄ به ياداشت ۾ پنھنجي سمورين حسناڪين سان محفوظ ٿيل  آھي. جڏھن   سندم والدصاحب حبيب الله  جوکئي  (اول ) جي پوليس اسٽيشن جاتي کان ڪيٽي بندر  ڏانھن  بدلي ٿي ھئي، تڏھن اسين سمورا گھر ڀاتي  ھڪ  ڊگھو سفر  ڪري سانجھي ٽاڻي ڪيٽي بندر پھتا ھئاسين. ان وقت منھنجي ڄمار ڪا ڇھ  سال کن مس ھئي۔ بس ڳاڙھي شھر کان رواني ٿي شام جو ڪيٽي بندر پھچندي ھئي (شايد لي مارڪيٽ ڪراچي کان ايندي  ھئي.) ڳاڙھو شھر  تنھن  وقت ايترو آباد نه  ھوندو ھو جيترو اڄ  آھي۔

                  ڪيٽي بندر ۽ ٻين ڊيلٽائي علائقن ۾ جڏھن  سنڌو مھا ساگر مان پاڻي اچڻ جي گھٽتائي ٿي تڏھن ھن سامونڊي ڊيلٽائي علائقي ۾  جيئڻ جا دڳ محدود ٿيڻ لڳا  ته پوء لڏ پلاڻ ڪري شھر جا  اڪثر ڪٽنب  ٻگھاڻ ۽ جوھو  ۾ وڃي  آباد ٿيا ۽ پڻ ڪيترائي خاندان ابراھيم حيدري،  ريڙھي ۽ چشماڳوٺ   ڪراچي  لڏي ويا.  ساڳيو حشر کاروڇاڻ ۽ شاھ بندر  سان پڻ ٿيو. شاھبندر ته مڪمل طور سمنڊ برد ٿي چڪو آھي ۽ کارو ڇاڻ پڻ پويان پساھ پيو کڻي.  ڪيٽي بندر جو موجوده شھر چون ٿا ٽيون  ڀيرو  موجوده ھنڌ تي آباد  ٿيو آھي. پراڻي ڪيٽي بندرن  جي باري ۾ جاکوڙي محقق بدر ابڙي موجب انھن جا آثار ھاڻ سمنڊ برد ٿي چڪا آھن.  1966 ۾ تنھن  وقت ڇا ته حسين  منظر ھئا !! جڏھن وير چڙھندي ھئي ته پائي ٿاڻي جي رھائشي ڪوارٽرن جي دڪين تائين چڙھي ايندو ھو.

ڪڏھن ته اندر فرش تائين  به پاڻي ايندو ھو. پوء ڪوارٽرن ۾  موجود آڪھايون ڄڻ سمنڊ جي قيد ۾ ھونديون ھيون جيسين وڃي وير لھي۔!! وير چڙھڻ وقت سمورو شھر سمنڊ جي اندر  پيالي جو روپ ۾ نظر ايندو ھو.  سمنڊ ۾ پري کان ايندڙ وڻجارن  ۽ ملاحن جي بتيلن جون  پھريائين سڙھن جون ڌنڌليون چوٽيون ۽ انھن تي ٻڌل ڀانڀٽيون ظاھر ٿينديون ھيون  ۽ پوء سامونڊي ھندوري ۾  لڏندي لمندي  آھستي آھستي پورا بتيلا/ غوراب سطح سمنڊ تي  اچي ظاھر ٿيندا ھئا. ڇا ته دلڪش نظارو ھوندو ھو !! وائنٽيون ٿيون ورڪن، اڃان سڙھ نه پڌرا

سيئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آئيا . (شاھ)

ڪيٽي بندر جي رات  خاص ڪري چانڊوڪي  ۾  وير جي ڇڙھڻ جو نظارو ڏاڍو پيارو پراسرار ھوندو ھو. ائين لڳندو ھو ڄڻ شھر جي چوڌاري چاندي جي چادر وڇايل ھجي. تنھن وقت عام حالتن ۾ جوھي تائين سنڌو جو مٺو پاڻي پھچندو  ھو ۽ سانوڻ ۾  جڏھن دريا بادشاھ جوڀن ۾ ھوندو ھو. تڏھن دريا جو مٺو پاڻي ڪيٽي بندر شھر تائين پھچي ويندو ھو.

ٿاڻي ۽ شھر جي وچ ۾ ميونسپالٽي طرفان ڳاڙھين سرن جو وڏو تلاء ٺھيل ھوندو ھو، جنھن ۾ سانوڻ ۾ آيل دريا جي  مٺي پاڻي کي جمع ڪيو ويندو ھو،  جيڪو سال جو وڏو عرصو شھرين جي استعمال ۾ رھندو ھو. جڏھن تلاء جو مٺو پاڻي ختم ٿي ويندو ھو تڏھن لانچن/ ھوڙن ذريعي شھرين لاء مٺو پاڻي جوھي کان گھرايو ويندو، جتي دريا کي ڳنڍو ڏئي مٺي پاڻي کي سمنڊ ۾ زيان ٿيڻ کان روڪيو ويو ھو. ھي سمورو سامونڊي ڪنارو تمر جي ٻيلن سان جنجھيل ھوندو ھو. سامونڊي ڌٻڻن ۽ کارين تي مشتمل  ھي ڊيلٽائي علائقو  ڪنھن وقت کارائي اٺن،  رتڙيا چانورن، چوپائي مال سچي گيھ،  سامونڊي  پکين  مڇين ۽ گانگٽن  جي پيداوار  ۾ نه صرف خودڪفيل ھوندو ھو پر  ٻين علائقن ڏانھن زرعي جنسون پڻ ايڪسپورٽ  ڪندو ھو ۔ جي ڊبليو سمٿ جي 1919 ڪراچي گزيٽئر ۾ ڪيٽي بندر جي آدم شماري 1734  ماڻھو ڄاڻائي وئي آھي. وڌيڪ لکيو اٿس ته ھتان جا چانور ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين ايڪسپورٽ ٿيندا ھئا.

 منھنجي پھرين ڪلاس ۾ داخلا  پرائمري اسڪول جاتي ۾ 1965 ۾ ٿي ھئي. ڪجھ وقت پرائمري اسڪول ڪيٽي بندر ۾ پھريون ڪلاس پڙھيس. تنھن وقت سائين عبدالرحمان ميمڻ اسڪول جو ھيڊ ماستر ۽ علائقي جو پوسٽ ماستر  ھوندو ھو ۔ ڪيٽي بندر جو سچي گيھ مان ٺھيل حلوو مشھور ھوندو ھو، جيڪو اڄ به مشھور آھي ۽ ماڻھو پنھنجن پيارن کي سوکڙي طور موڪليندا آھنن سال ٻن کان پوء والد صاحب جي ڪيٽي بندر کان بدلي ٿي وئي ۽ اسان کي شھر ڇڏڻو پيو.

زماني جي گردش سبب وري خوابن جي شھر ڪيٽي بندر وڃڻ نه ٿيو. تازو 60 سالن کان پوء پنھنجي پٽ ڊاڪٽر حبيب الله کي ڪنھن سرڪاري اسائنمنٽ جي سلسلي ۾ ڪيٽي بندر وڃڻو پيو ته پوء پراڻين يادگيرين کي تازو  ڪرڻ لاء بيماري جي حالت ۾ ساڻس گڏجي ڪيٽي بندر ويس ته سمورو منظر نامون بدليل ھو. پراڻيون ڪسٽم جون آفيسون، پوليس ٿاڻو ۽ رھائشي ڪوارٽر، ميونسپالٽي جو تلاء پنھنجو وجود وڃائي سمنڊ برد ٿي چڪا آھن. ننڍپڻ جي يادگيرين وارو شھر ڪيٽي بندر جتي منھنجو  ٻاروتڻ گذريو ھو، سو ٻسو ٻسو پئي لڳو !

نه سي تڙ ھوڙاڪ ، نه وايون وڻجارن جون

سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ

مارينھون فراق، پاڙيچيون! پرين جا ۔( شاھ)

سنڌ کي فطرت پنھنجي پوري فياضي سان نوازيو آھي. انڊس ڊيلٽا ڏينھون ڏينھن برباد ٿي رھيو آھي/ ڪيو ويو آھي ۔ سنڌو جي نڙي تي لت ڏئي سنڌ جو ساھ گھٽيو ويو آھي. ھي انسانيت خلاف ڪرائم آھي، جنھن جي سزا اسين جيتامڙا انسان ڪلائمنٽ چينج جي شڪل ۾ ڀوڳي رھيا آھيون۔

 سٺ سال ڪو وڏو عرصو ڪونھي. سفر دوران ڳاڙھي شھر کان چند ڪلوميٽرن بعد ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ علائقي تي ڪو تابڪاري بم اڇلايو ويو ھجي. ملاحن ۽ ٻين ڌرتي ڌڻين جا ننگ ڌڙنگ اگھاڙا ٻار بک ۽ بدحالي  جي جيئري جاڳندي  تصوير نظر آيا ۔  ھزارين ايڪڙ زمين سمنڊ برد ٿي  چڪي آھي.

چوپائي مال جي خاتمي سان گڏ علائقي ۾  خوفناڪ ماحولياتي گدلاڻ پيدا ٿي چڪي آھي. تمر جي واڍ سبب گانگٽن ۽ مڇي جي افزائش متاثر ٿي چڪي آھي۔  پاڻي ماھر  حسن عباس بالڪل درست فرمايو آھي ته توھان سنڌو جي نڙ گھٽ تي لت ڏئي نه صرف انڊس ڊيلٽا کي، پر توھان ھڪ خوڀصورت ڪلچر، ٻولي، سماج ۽ خوبصورت ماڻھن، جيڪي عالمي ورثو آھن، کي تباھ ڪري ناقابل معافي جرم ڪيو آھي۔  طاقت جي زور تي ڪيل انھي نقصان جي تلافي ۾ ھاڻ صدين جو سفر درڪار  آھي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته اسين تاريخ جي اونڌاھي کوھ ۾ ھميشه لاء دفن ٿي وڃون۔