ھڪ جپسي ڪالم … سنڌ جي ماضيءَ ۽ حالَ جا سِرا – 1

0
35
ھڪ جپسي ڪالم ... سنڌ جي ماضيءَ ۽ حالَ جا سِرا - 1

 ان ڏينھن منھنجي خوشنصيبي جو امر فياضَ جو فون نمبر لڳي ويو ۽ مان ھڪ پراسرار خوشيءَ جو شڪار ٿيندي پنھنجي مينوئل فون تي کيس ٻڌائي رھيو ھيس ته مان ٽرين ورڪنگ ۾ ڪراچيءَ پھچي رھيو آھيان، ڇا پاڻ ملي سگھون ٿا. امر فياض جڏھن اسان جي ريلوي ۾ ھوندو ھو ته صرف فياض ٻرڙو ھوندو ھو، ريلوي جي انجنيئرنگ کاتي ۾ ٽريڪ مشين جو انچارج يا فورمين ھوندي ھن پنھنجو ڪم بيحد نمايان ۽ ايماندار انداز ۾ سرانجام ڏنو ھو، ان ڪري ھي ھميشه پنھنجي انجنيئر باس جي اک ۾ ڪنڊي جيان پيو کٽڪندو ھو، جو ھن جي پراگريس پنھنجي آفيسر انجنيئر کان گھڻي وڌيڪ ھوندي ھئي. ھن جي آفيس اسان جي سکر واري ايوب گيٽ جي ھيڊ آفيس کان ٿورڙو ٻاھر ڀرو ٽيليفون بلڊنگ جي ھنج ۾ ھڪ ننڍڙي ٻار جيان پئي ھونگڙيون پائيندي نظر ايندي ھئي. فياض وٽ ھر وقت دوستن جو ميلو متل ھوندو ھو، ان ڪري ھن جي آفيس جو پٽيوالو ھن جي دوستن لاءِ چانھيون ٺاھي ٺاھي ٿڪجي پوندو ھو ۽ آخر ٽين وڳي کان اڳ ۾ ئي آفيس مان ڀڄي ويندو ھو پر اسان ان آفيس ۾ شام جو پنجين وڳي تائين ڪچھريون پيا ڪندا ھئاسين. فياض جي عادت ھوندي ھئي ته ڳالھ ڳالھ تي ٽھڪُ ته ضرور ڏيندو ھو پر تاڙا به ملائيندو ھو. ان ڪري جڏھن اسان ان آفيس مان نڪرندا ھئاسين ته‏ اسان جي ھٿن جون تِريون واقعي به ڳاڙھيون ٿيل ھونديون ھيون. فياض ان وقت بندر روڊ جي ھڪ ريلوي ڪوارٽر ۾ رھندو ھو ۽ ھن جو اھو گھر به اسان جھڙن آواره مزاج ماڻھن جي لاءِ ڪنھن جاءِ پناھ کان گھٽ ڪين ھو. جڏھن به ڳوٺ وڃڻ کان دير ٿي ويندي ھئي ۽ فياض چواڻي اويلو وڃي جيت جڻي جو شڪار ٿيڻ کان ڀلو آھي ته ھتي رھي پئو، جيڪا ماني ٽِڪي ھوندي گڏجي کائينداسين. فياض جو مُڇون ان مھل تائين اڃان اڇيون ٿيڻ نه لڳيو ھيون، جو اوچتو ئي اوچتو ھن کي ملڪ جي سامراج صوبي جي ھڪ ھستيءَ سان عشق ٿي ويو ۽ اھو عشق به باقاعده پيھي تي چڙھي اعلان ڪرڻ جھڙو عشق ھو. ان عشق ۾ ٻنھي طرفن کان “آگ برابر لگي ھوئي ٿي”. ھوڏانھن اسان جي پنجابي ڀاڄائي سڪ ۽ ڇڪَ وچان آھون ڀريندي ھئي ته ھن پاسي وري اسان جو فياض. اسان ٻنھي جي حال جا برابر برابر ساکي رھياسين، تان جو ھڪ وڏي ڇڪتاڻ ۽ سنڌين ۽ پنجابين جي پھرين مھاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ اسان جي پنجابي ڀاڄائيءَ جا مائٽ جُھڪجي پيا ۽ ايئن آخرڪار انھن ھڪ ٻئي کي پنھنجو ڪري ورتو ۽ اسان جي سکر شھر ۾ وري سڪون جو ھوائون گھُلڻ لڳيون. فياض ۽ اسان جي ان پنجابي ڀاڄائيءَ اھو عشق واھ جو نڀايو، جو ھينئر اھا ھستي فياض جي ڳوٺ ۾ پنھنجي ٻرڙو سھيليءَ سان ‘ھنسي خوشي’ زندگي جِي رھي آھي ۽ اسان جون ٻئي ڀاڄايون ھڪ ٻئي جي لاءِ صفا مومل ۽ سومل لڳيون پيون آھن.

اھي 2002 جي ھيڏانھن ھوڏانھن وارا مھينا ھئا، جو اوچتو ئي اوچتو، خبر ناھي الائي ڇا ٿيو جو فياض صفا پِڙ ڪڍي بيھي رھيو ته مان ھيءَ ريلوي جي نوڪري ڪونه ڪندس، مان ٿڪجي پيو آھيان، مون کان ھيءَ نوڪري زور آھي ۽ اسان سڀني يارن کيس ھزار دفعا سمجھايو ته يارا چاليھ سالن جي عمر ۾ توکي ڪير نوڪري ڏيندو! ڪندين ڇا، جو سورھين گريڊ جي ھيءَ وفاقي نوڪري ڇڏي رھيو آھين؟ فياض جي ضد کان مولا پناھ ۾ رکي ۽ ائين اوچتو خبر پئي ته فياض پنھنجو سامان کڻي ڳوٺ ھليو ويو آھي، ان بعد فياض پوئتي مڙي ڪونه نھاريو. ايتري تائين جو ريلوي کان پنھنجي 20 سالن جي نوڪريءَ جو حساب ڪتاب يا ڪو فنڊ به نه ورتائين ۽ اسان يارن کي ۽ ريلوي کي ڇڏي ڪراچيءَ ھليو آيو. ھن جي سڀني ريلوائي دوستن کي فياض جو ڏاڍو الڪو ھو. ان بعد کوڙ سارو پاڻي نديءَ واري پل ھيٺان گذري ويو. ھڪ ڏينھن اوچتو فياض ھڪ نئين سڃاڻ سان سنڌ جي ويب ورلڊ ۽ ميڊيا جي افق تي ظاھر ٿيو ۽ اسان ھن جا اولڊي ۽ گولڊي فرينڊس حيران رھجي وياسين. ان جمعي ڏينھن جي 12 وڳي مون کي ريلوي جي چيف ڪمپيوٽر ليب الطاف مھر ڪال ڪري ٻڌايو ته فياض ويب سائٽ ڊزائينر ٿي ويو آھي. اھا خبر اسان سڀن لاءِ ايئن ھئي، جيئن ڪو چوي ته اسان جي ڳوٺ جو رب نواز ٻڪرار آمريڪا جو صدر ٿي ويو آھي. مان اھا خبر جلد ئي ڪنمفرم ڪري ورتي ۽ خبر پئي ته فياض ويب سائٽ ڊزائننگ ۾ ڪمال جي مھارت حاصل ڪري ورتي آھي ۽ جلد ئي ان جو ھڪ ثبوت به اسان جي آڏو اچي ويو. اڳ ۾ سائين عبدلماجد ڀرڳڙي، جيڪي اسان سڀن لاءِ ڄڻ ھڪ طرح سان گرو ديو ھوندا ھئا ۽ اڄ به آھن، انھن جي ويب سائٽ ‘ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام’ ھڪ سادي انداز جي سائٽ طور ٺھيل ھئي. راتو واھ ان ويب سائيٽ جي پوري اڻت تبديل ٿي وئي. اھا ھاڻي ويب سائيٽس جي دنيا ۾ ھڪ ڪارپوريٽ ويب سائيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳي ھئي. ھيٺ باٽم ۾ ويب سائيٽ ڊزائنر طور فياض ٻرڙي جو نالو لکيل ھو ۽ ان جي يُو آر ايل ۾ پڻ سائين ماجد سان گڏ فياض جو نالو به ويب سائيٽ جي ڊومين بار ۾ نظرجڻ لڳو. اھو سڀ ڪجھ راتو واھ نه ٿيو ھو. جيئن چوندا آھن نه،  ته روم شھر ھڪ ڏينھن ۾ ڪونه جُڙيو ھو، تيئن فياض جي محنتن ۽ مشقتن آخرڪار پنھنجو لاڀ پرائڻ شروع ڪري ڏنو. اسان ھن جا اھي دوست جيڪي پريشان ھوندا ھئاسين ته اسان جي فياض جو ھن بي رحم دنيا ۾ الائي ڇا ٿيندو، اھو الڪو جلد ئي اسان جي دلين مان غائب ٿي ويو. ڏاڍو گھٽ ڏسڻ ۾ ايندو آھي ته ڪو ماڻھو پنھنجي پوري ڪيريئر ۽ سروس تي ليڪو پائي ۽ نئين سري کان پنھنجي ذات جي اڻت شروع ڪري ڇڏي ته اسان جو فياض ائين ئي رھيو آھي. ان بعد فياض جو ھڪ نيئن روپ وارو سفر اوچو ۽ اتيت اوچو اڏامڻ وارو رھيو آھي. ھن مھل جڏھن فياض حيدرآباد ۾ قائم عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ۽ لئنگويج ڊيولپمينٽ جي شعبي جو انچارج آھي ته فياض جي اڪائونٽ تي لئنگويج سائنس جي حوالي سان ايترو ته ڪم آن لائين ٿيل آھي، جو سنڌ جا وڏا وڏا سرڪاري ادارا، جيڪي سرڪاري فنڊن تي رڳو ڌاڙي جيان قائم آھن ۽ جتي ڪوبه ساراھ جھڙو ڪم نه ٿي رھيو آھي، اتي فياض پنھنجي اداري ۾ ڪمال قسم جي لئنگويج ڊيولپمينٽ جو ڪم ڪري رھيو آھي. مون کي ياد آھي ته فياض کي پھريون پھريون ايڇ ٽي ايم ايل سسٽم مون سمجھايو ھو ۽ کيس ھڪ ويب سائٽ ‘فياض ٻرڙو ڊاٽ ڪام’ به تحفي طور رجسٽر ڪري ڏني ھئي ۽ مان اڄ به حيران ٿي سوچيندو آھيان ته مان اڄ به ايڇ ٽي ايم ايل مان ٻاھر نه نڪري سگھيو آھيان ۽ ھُو جاوا کان وٺي ڪري ڊيٽا ڊيولپمينٽ تائين جو ڪم ڪري رھيو آھي… ان کي چوندا آھن پنھنجي وڻ جي چَڪي ھڪ باغ مان پٽي ڪري ٻئي باغ ۾ ھڻڻ ۽ ان جي اھڙي آبياري ڪرڻ جو اھو وڻ ھن مھل نه فقط ميوو ڏئي رھيو آھي پر ان جي ڇانوَ ۾ اسان جھڙا الائي ڪيترا تاساريل وجود پنھنجي پياس به اجھائي رھيا آھن.

جڏھن منھنجي ٽرين ڪينٽ اسٽيشن تي پھتي ۽ مان ٽرين جي چارج اسٽيشن سپرنٽينڊنٽ جي حوالي ڪري ٻاھر نڪتس ته فياض پنھنجي نئين ماڊل جي ڪلٽس گاڏيءَ ۾ منھنجو انتظار ڪري رھيو ھو. ھو گاڏيءَ تان لھي آيو ۽ ڀاڪرين پئجي ويو .. کوڙ سارو ٽائيم اسان ھڪ ٻئي کي زن مريد گاريون ڏنيون ۽ پوءِ اتان فياض جي ڪراچيءَ واري آفيس طرف ھلياسين، جتي اسان جو پيارڙو ۽ محبوب دوست مجيد ٿھيم پنھنجي اڳيان چانھ ۽ قسمين قسمين بسڪوٽن جو جھان سجايو اسان جو انتظار ڪري رھيو ھو. ايندڙ قسط ۾ اسان ڪراچيءَ جي آخري پڇڙيءَ ۾ قائم ان اداري جو سئر ڪنداسين، جيڪو سنڌ جي آرڪيالاجيءَ کي اڄ جي دنيا سان ڪنيڪٽ ڪرڻ جو ڀرپور ڪم ڪري رھيو آھي ۽ جنھن جا سمورا سنڌي نوجوان دل و جان سان پراچين ٺڪرين ۽ پاٽريءَ جي نه فقط رجسٽريشن ڪري رھيا آھن پر انھن کي ھڪ وسيع ڊيٽابيس جو حصو به بڻائي رھيا آھن. (جاري)