ھڪ جپسي ڪالم … سنڌ جي ماضيءَ ۽ حالَ جا سِرا – 3

0
63
ھڪ جپسي ڪالم ... سنڌ جي ماضيءَ ۽ حالَ جا سِرا - 3

 اڄ ڪلھ اسان جي محبوب استاد ۽ سنڌ جي نھٺي ۽ سھڻي آرڪيالاجسٽ سائين قاصد ملاح جي نگرانيءَ ۾ سکر جي سبزي منڊيءَ ۽ سائيٽ واري علائقي جي ڀڪَ ۾ “لاکين جي دڙي” جي پراچين ۽ اهم ترين سائيٽ تي لطيف يونيورسٽيءَ جا آثارقديمه شعبي جا استادَ ۽ شاگردَ کوٽائي ڪري رھيا آھن، اتان جيڪي شيون هوريان هوريان ملي رھيون آھن، انھن جي جڏھن ڊيٽابيس ٺھندي ته خبر پوندي ته اھو سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل سونھري دؤر سان تعلق رکندڙ هڪ ماڳُ آھي. لاکين جي دڙي جي جديد ڊيٽنگ پراسيس مان پتو پيو آھي ته ھي ماڳ لڳ ڀڳ 5000 سال پراڻو آھي، ھن جي ڊيٽنگ لڳ ڀڳ موھين جي دڙي واري نڪتي آھي، يعني ان جي همعصر، پنج ھزار سال پراڻي سائيٽ آھي. ان ڪري ھن سائيٽ کي موھين جي دڙي، ھڙاپا، چانھونءَ جي دڙي (نوابشاھ ۽ سڪرنڊ جي وچ ۾ خيرپور ايسٽ جي کاٻي ڪناري تي) ۽ گنويري والا (بھاولپور جي چولستان ريگستان ۾ سنڌو سڀيتا جي سائيٽ) جي همعصر سائيٽ سمجهيو وڃي ٿو. لاکين جي دڙي جي سائيٽ تي لڳ ڀڳ ٽي دفعا کوٽائيءَ جو ڪم ٿيو آھي، جيڪو گھڻو تڻو شاھ عبدللطيف يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ پاران شروع ۾ سائين غلام مصطفي شر ۽ بعد ۾ سائين ڊاڪٽر قاصد ملاح جي سربراھيءَ ۾ ٿيو ھو. ھيءَ سائيٽ لڳ ڀڳ 3 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آھي، جنھن جو ھڪ حصو سکر جي اوڀر پاسي جي مضافاتي علائقي قريشي ڳوٺ ۾ موجود آھي، جڏھن ته ٻيو حصو جنھن کي اسان سينٽرل سائيٽ چئون، اھو سکر جي سبزي منڊيءَ جي اتر پاسي موجود آھي ۽ جيڪو ان شھر جو رھائشي علائقو ھو. لاکين جي دڙي جو ٽيون حصو لييو بسڪٽ فيڪٽريءَ جي ڏکڻ اولھ ڪنڊ تي موجود آھي ۽ اسين ان حصي کي اولاھون دڙو ڪوٺيون، ان علائقي کي اسين آرڪيالاجيءَ وارا  5 هزار سال پراڻو هڪ صنعتي علائقو مڃيندا آھيون، ڇو ته ان حصي مان جيڪي مھرون، مڻيا ۽ سِيلون مليون آھن، اھي اعلي درجي جون ۽ گھڻيون ترقي يافته آھن ۽ اتي اھي شيون ٺاھيون وينديون ھيون، يعني اُتي انھن شين جي ٺاھڻ جا ڪارخانا مليا آھن، جتي اھي ھر سائز ۽ ھر شڪل ۾ ٺاھيا ويندا ھئا. انھن مڻڪن کي غور سان ڏسبو ته انھن ۾ ھر قسم جي ورائٽي ملندي، يعني اھي چئوڪور به آھن، ڊگھا ۽ سيلينڊريڪل ٽائپ به آھن ۽ وري گول گول ۽ وي شيپ به. پراڻي دؤر ۾ اتي انھن شين کي ٺاھي پوءِ اھي ٻين علائقن ڏانھن واپار طور موڪليو به ويندو ھو. انهن وقتن ۾ ٽريڊ يا واپار جا زميني ۽ دريائي ذريعا استعمال ڪيا ويندا هئا. ان حوالي سان سکر يعني لاکين جي دڙي وارو شهر، موهين جي دڙي وارو انهن وقتن جو ميٽروپوليٽن شهر ۽ پنجاپ جي ساهيوالَ شهر جي ڀڪ ۾ قائم  هڙاپه شهر اسان جي سنڌو درياهه جي ڪناري وارا شهر هئا. ان سان گڏوگڏ بهاولپور جي ريگستاني حصي چولستان ۾ “گنويري والا” سائيٽ به سنڌو سڀيتا جي سائيٽ آهي.

ريلوي ۾ اسان جو هڪ محبوب دوست 21 گريڊ جو آفيسر هو مرحوم سائين زبير شفيع غوري، جنهن کي سنڌو ماٿر جي تهذيب سان ڏاڍو پيار هوندو هو. جڏهن به سکر ايندو هو، آفيس جي ڪم ڪار بعد ڪنهن نه ڪنهن ريلوي آفيسر کان گاڏي وٺي، مون کي منهنجي آفيس مان کڻندو هو ۽ پوءِ اسين شام تائين کوڙ سارا پراچين ماڳَ گهمي ايندا هئاسين. هن کي سنڌو ماٿر جي تهذيب تي وڏو عبور حاصل هو ۽ هو مڃيندو هو ته سنڌو سڀيتا دنيا جي سڀيتائن جي ماٿي جو جهومر آهي پر هن ۾ هڪ عجيب ڳالھ به موجود هئي، هُو سنڌو ماٿر جي پنجاپ وارن ماڳن کي هڙپائي تهذيب جا ماڳ چوندو هو ۽ مون کي هر ڀيري اهو چوڻو پوندو هو ته سر پنجاب، گجرات، ڪڇ ڀڄ ۽ جهلم جي ڀڪ وارا سڀ علائقا گريٽر سنڌو تهذيب جا ماڳ هئا. پوءِ هُو کلي چوندو هو ته ڀائي حبيب ..ڪجهه ته اسان پنجاپين جي کاتي ۾ به ڇڏيو يار! آخر اسان به ته چوڻ جهڙا ٿيون ته اسان جو ماضي به موهين جي دڙي جهڙو عاليشان ۽ اسان جي تهذيب دنيا جي تهذيبن ۾ هڪ نڪ جهڙي تهذيب هئي ..۽ مان ماٺ ڪري ويهندو هيس.

جيئن مان پنهنجي گذريل ڪالم ۾ ذڪر ڪيو هو ته سنڌ ۾ جڏهن کان آثار قديمه جو اسم صوبن حوالي ٿيو آهي ته ان بعد سنڌ ۾ نه فقط ادارا جوڙيا ويا پر انهن کي سائين روشن ڪناسري جهڙن ڄاڻو ۽ سنڌو تهذيب سان پيار ڪندڙ هٿڙن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جن ڪراچيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ خوابن جهڙو هڪ جهان جوڙيو آهي، جتي هر برانچ ۾ اسان جا سنڌي آرڪيالاجسٽ مختلف ماڳن تان مليل آرٽيفيڪٽس جي ڪلاسيفيڪيشن ڪري رهيا آهن … ۽ جڏهن اهو ڪم پنهنجي ڪنهن نتيجي تي پهچندو ته اسان هڪ حيرت گاڏڙ خوشيءَ سان پنهنجي پراچين تاريخ جون ثابتيون ڏسي فخر ڪري سگهنداسين ته اسين ڪيڏي نه عاليشان تهذيب جا وارث رهيا آهيون.  اها ٻي ڳالھ آھي ته دنيا جي تهذيبن جي سرداري ڪندڙ اسان جي سنڌو تهذيب جا اڄوڪا وارث سنڌي ايترا نڌڻڪا ۽ سست الوجود ڇو ٿي ويا آهن. تاريخ جي انهن پنجن هزارن جي تاريخ ۾ اهي ڪهڙا ڪلور هن قوم سان ٿيا يا ڪيا ويا جو تهذيبن جي وارث سنڌو تهذيب جا وارث ماڻهو اڄ ڇو صفا هيٺين سطح جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا يا بڻايا ويا … ان تي ڳوڙهو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي .