ھڪ جپسي ڪالم … سنڌي ڪمپيوٽنگ .. قدم به قدم

0
13
ھڪ جپسي ڪالم ... سنڌي ڪمپيوٽنگ .. قدم به قدم

 جڏھن به گھڻو ۽ گھڻو پوئتي نھارڻ جي اِڇا ٿيندي آھي ته جيڪا اولين ياد ذھن جي اسڪرين تي تَري ايندي آھي، اھا ياد ھڪ اھڙي ننڍڙي دٻي نما سفيد باڪس جي آھي، جنھن جي آڏو ھڪ ڪيبورڊ پيل آھي ۽ مائوس جي جاءِ تي ھڪ عجيب جھڙي گول گول شئي ان سان ڪنيڪٽ ٿيل آھي، اھو ايپل جو اولين مئڪنتوش ڪمپيوٽر ھو، جنھن تي اسان جا ڪجھ ميراڻي دوستَ جيڪي اصلئون سکر جي ڳوٺ بچل شاھ مياڻيءَ جا رھائشي ھئا، انھن مان ھڪڙو ته ھو گلفام ميراڻي ۽ ٻيو اسان جي پيارو دوست نصرت ميراڻي ھو، جيڪو ڪافي وقت تائين سکر جي ھڪ اخبار سان لاڳاپيل رھيو ھو، ھاڻي ھُو ماستر ٿي ويو آھي. انهن ڏهاڙن ۾ گھڻا ڪتاب ۽ اخبارون پڻ ان ايپل جي مئڪنتوش ڪميپوٽر تي ڪمپوز ٿينديون ھيون، ان ۾ سنڌي لکجندي ڏسڻ منھنجي زندگيءَ جو ھڪ يادگار واقعو ھو. ٻه ننڍڙيون مشيني اکيون اسڪرين جي ڪُنڊ تي بار بار پنبڻيون جھپڪي سامھون ويٺل ڪمپوزر کي گُهور گُهور تڪينديون رھنديون ھيون، اھي مشيني اکيون ڪڏھن ننڊاکڙيون ٿي اگھور ننڊ به سمھي پونديون ھيون، ته ڪڏھن اوچتو ايئن جاڳي پونديون ھيون ڄڻ ڪنھن کين زوريءَ ڌونڌاڙي جاڳايو ھجي.

ان مشين پوئتان وڏي يعني ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي آئي ھئي، يعني اھا به ھڪ قسم جي ڊيولپمينٽ يا ارتقا ھئي، ان لاءِ مشين جي مائڪروسافٽ جي عربي ورزن واري ونڊو 95 رکڻي پوندي ھئي، يعني سنڌي ٻوليءَ کي لکجڻ جو ماحول عربي ونڊوز مان ملي رھيو ھو پر ان ۾ ھڪ نارمل ٽيمپليٽ  ڪاپي ڪري  ايم ايس ورڊ جي مشيني فولڊر ۾ رکڻو پوندو ھو، ان بعد اسان سنڌيءَ ۾ لکڻ جي قابل ٿي پوندا ھئاسين. مون کي ياد آھي، 2000 عيسويءَ جي شروعاتي دؤر ۾ مون کي پينٽيم ــ2 ڪمپيوٽر تقريبا 20 ھزارن ۾ سکر مان مليو ھو، ان وقت جا اھي ويھ ھزار ھڪ لک کان مٿي جي ويليو رکندا ھئا، اھڙي نموني سنڌيءَ جو اھو سافٽ ويئر جنھن کي اڄ به اياز شاھ ايڊيشن چوندا آھن، اھو مون کي ھڪ نان سنڌي دوڪان واري 2000 ۾ ڏنو ھو، ان کي انسٽال ڪرڻ واري ٽيڪنيڪ سمجھڻ بعد، مون اھو سافٽ ويئر مفت ۾ ايترن ته دوستن ۽ سکر جي ڪمپيوٽر سينٽرن تي ڏنو جو ان مھاجر مڙسالوءَ کي مون سان وري رابطو ڪرڻو پئجي ويو ھو، مگر مون تيسيتائين سنڌيءَ جو سافٽ ويئر تقريبن ھر ڪمپيوٽر ھلائيندڙ سنڌي دوستن تائين پھچائي ڇڏيو ھو.

انھيءَ سافٽ ويئر تي جيڪا پھرين اخبار ڪمپوٽرائزڊ ٿي ھئي اھا عوامي آواز ھئي، عوامي آواز جو اولين لي آئوٽ ايترو ته موھيندڙ ۽ ڪمال جو هو جو اسان حيران ٿي اخبار ھٿ ۾ کڻي اٿلائي پٿلائي ڏسندا ھئياسين. ان بعد ڪاوش به ان ئي سافٽ ويئر ته ٺھڻ لڳي ھئي.

انھن وقتن ۾ اسان ڪجھ دوستن سنڌيءَ ۾ ويب سائيٽ ٺاھڻ جو ارادو ڪيو، ان ڏس ۾ سڀ کان پھريون آن لائين مئگزين اسان جي ٺٽي جي ٽالپر دوستن اشفاق ۽ ھن جي ڀاءُ وائس آف سنڌ جي نالي سان ويب سائيٽ لانچ ڪئي ھئي، ان ويب سائٽ کي بجا طور تي سنڌيءَ جي اولين ويب سائيٽ جو درجو حاصل آھي، ان بعد مون پنھنجي سنڌويب ڊاٽ ڪام جي نالي سان سنڌي ويب سائيٽ لانچ ڪئي هئي، جنھن ۾ مون کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي ھئي. جيئن ته اڃان تائين يونيڪوڊ جي سھولت ڪانه ڊيولپ ٿي ھئي، ان ڪري مضمون جا پيجز سنڌيءَ ۾ ٽائيپ ڪري پوءِ فوٽوءَ جي فارميٽ ۾ سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻا پوندا ھئا، ان ڪري رڳو ٻن مھينن ۾ ئي ويب سائيٽ ايتري ته ڳئوري يا ھيوي ٿي پوندي ھئي جو ان کي لوڊ ٿيڻ ۾ به کوڙ سارو ٽائيم لڳي ويندو ھو، ان مٿان وري انٽرنيٽ به ٽيليفون جي ڊائل سسٽم تي ھوندي ھئي، ان ۾ عام ۾ عام پيج به لوڊ ٿيڻ ۾ 5 کان 10 منٽ لڳي ويندا ھئا. انٽرنيٽ جي بار بار ڊسڪنيڪشن ان کان الڳ ۽ اھا بي رابطگي به رت ڪري ڇڏيندي ھئي. مون کي ياد آھي ته منھنجي سنڌويب تي ان وقت جا ناميارا ليکڪ ۽ ليکڪائون پنھنجون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل تحريرون مون ڏي اي ميل ڪنديون ھيون، جن مان سانئڻ عرفانه ملاح جيڪا انھن وقتن ۾ اسلام آباد يونيورسٽيءَ مان پي ايچ ڊي ڪري رھيون ھيون، سانئڻ انيلا سومرو جيڪا انھن وقتن ۾ جاپان جي ڪنھن ٻيٽ تي پنھنجي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪري رھيون ھيون، ان کان علاوھ خاص طور تي ڊاڪٽر ايوب شيخ جو ذڪر نه ڪرڻ ڪفر ٿيندو، جيڪو پنھنجي ھر لکڻي سنڌويب لاءِ اماڻيندو ھو ۽ ان کان علاوه به کوڙ سارا ساٿي سنڌويب سان سلھاڙيل ھئا. ان بعد اسان جي ئي ڳوٺ جي ٻن نوجوانن به ويب سائيٽون لانچ ڪيون ھيون، جن مان ھڪ ته پيرڳوٺ جو عزيز منگريو ھو، جيڪو ھن وقت سعوديه ۾ آئي ٽي شعبي ۾ جاب ڪري رھيو آھي ۽ ٻيو به منھنجو ڳوٺائي صارم منڱڻيجو آھي، جيڪو ڪافي ڏھاڪن کان پيرڳوٺ جي درگاھ سان سلھاڙيل آھي. صارم سنڌي ٻوليءَ کي بھترين فونٽ ٺاھي ڏنا آھن، جيڪي اڄ به اخبارن ۽ رسالن ۾ استعمال ٿي رھيا آھن ۽ ھن جي ويب سائيٽ منڱڻيجو ڊاٽ ڪام ھڪ سھڻي سنڌي ويب سائيٽ رھي آھي. انھن ئي ڏھاڙن ۾ اسان جي ھڪ دوست عبدالرشيد سمون ھڪ نئين ويب سائيٽ لانچ ڪئي هئي، جا انھن ڏينھن ۾ پنھنجي انوکي لُڪ ۽ لي آئوٽ جي ڪري بيحد خوبصورت سائيٽ جو ڏيک ڏيندي ھئي، ان سائيٽ جو نالو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ھو ۽ ان ۾ پھريون ڀيرو ڊيٽابيس جو استعمال ڪيو ويو ھو، پي ايڇ پي لئنگئيج ۾ اھا ويب سائيٽ اڄ به آن لائين آھي پر ھاڻ اھا اسان جي خيرپور جي دوست محمد سليمان وساڻ جي نگرانيءَ ۾ آن لائين آھي ۽ بغير ڪنھن شڪ ۽ شبھي جي سنڌي ٻوليءَ جي ليڊنگ ويب سائيٽس ۾ شمار ٿي رھي آھي، ان ئي ويب سائيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن جي ھڪ پرڪشش ڪليڪشن آن لائين موجود آھي، جتان ڪوئي به ڪتاب ڊائون لوڊ ڪري يا آن لائين به پڙھي سگھجي ٿو. ھن مھل جڏھن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان کوڙ سارو ڪم ٿي چڪو آھي ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي نالي سان ھڪ مڪمل ادارو وجود ۾ اچي چڪو آھي، جتي اسان جو ڳوٺائي امر فياض ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جي لئنگئيج ڊيولپمينٽ ۾ دل جمعيءَ سان رُڌل آھن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ ڏينھن رات پاڻ پتوڙي رھيو آھي.

امر فياض پنھنجي ھڪ سھڻي ۽ جاکوڙي ٽيم سان ھن مھل سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ وسيع ڊيٽابيس ٺاھي رھيو آھي. ان ڪم کي جيڪڏھن سئولي سنڌيءَ ۾ سمجھائجي ته اھو ھيئن بيھندو ته اوھان انگريزي ٻوليءَ جي مشيني سرشتن ۾ روز بروز ھي جيڪا ترقي ڏسي رھيا آھيو، ان جو سھرو اصل ۾ انگريزي ٻولي جي ھڪ وسيع ڊيٽابيس جي سر آھي، جنھن کي اھُي  ورڊ نيٽ (WordNet) جو نالو ڏين ٿا. ھن ورڊنيٽ ۾ گورن هڪ اھڙو لساني ڊيٽابيس تيار ڪيو آھي، جنھن ۾ انگريزي لفظن کي ھڪ ھنڌ ڪٺو ڪندي، انهن ۾ ھم معنائي لفظن جي گروپن کي ملايو ويو آهي ۽ انهن جون مختصر وصفون ۽ استعمال جا مثال مھيا ڪري ڪمپيوٽيشنل سرشتن کي وڏو ذخيرو فراھم ڪري ڇڏيو. ھن سرشتي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي ھڙني لفظن وچ ۾ لفظي لاڳاپن جي ترڪيبڪاري پڻ ڪئي وئي، ان سان گڏ ضد، جنسون، زمان، ٻولن جا ذمرا پڻ جدا ڪيا ويا ھئا. ھي پروجيڪٽ پرنسٽن يونيورسٽي پاران 1985ع ۾ ٺاهيو ويو ھئو، جيڪو پوءِ وڏي پيماني تي قدرتي ٻولين جي سرشتي ۽ ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، ان سرشتي ھيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو وسيع ڊيٽابيس جوڙيو ويو آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ جيڪي ڳالهايا وڃن ٿا، تن جي ھڙني شڪلين کي ڪٺو ڪيو ويو آھي. ان کان علاوھ  لفظن يا اصطلاحن جي وچ ۾ ڳانڍاپن، جن ۾ تز لفظ، پکڙيل لفظ (جيئن وڻ پکڙيل لفظ آھي پر بڙ لفظ تز آھي، مائٽ پکڙيل آھي پر سئوٽ تز آھي)، ان سان گڏ لفظن جي جنسن ۽ ضدن سان گڏ سمانن ۽ گردانن جا گروپ به ٺاھيا ويا آھن، ان سان سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ وسيع ڊيٽابيس ٺھندو، جنھن جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ورڊنيٽ جھڙو ڊيٽابيس ٺاهڻ سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ گڏيل ۽ وسيع ڊيٽابيسي پليٽفارم مھيا ٿيندو، جنھن سان مختلف لساني ۽ ڪمپيوٽيشنل ايپليڪيشنن ۽ سافٽ ويئر ٺاھڻ وارن سان گڏ دنيا جي وڏن سرشتن جھڙوڪ مائڪروسافٽ يا گوگل وارن لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو. ان کان علاوه تعليمي ۽ تدريسي نظامن ۾ ڊجيٽل اوزارن جي مددگاري به ان نيٽورڪ جو اهم جُز آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ورڊنيٽ تعليمي ۽ تدريسي سرشتن لاءِ ٺھندڙ اوزارن ۽ وسيلن ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو، جيڪو اڳتي ھلي سنڌي ٻولي سکڻ ۽ تدريسي پروگرامن ۾ وڏي  مدد ڪندو. ڇوته ھي پروگرام لفظن کي سکڻ ۽ لفظن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سمجهڻ لاءِ هڪ منظم طريقو فراھم ڪندو آھي.

ٻين ٻولين سان گڏ لساني تحقيقن ۾ ڀائيواري طور سنڌي ٻوليءَ لاءِ ورڊنيٽ هجڻ سان تقابلي لساني اڀياسن ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي، جنھن ۾ ٻولين جي سائنسي تحقيقن کي وڌائي سگهجي ٿو. ھن سرشتي کي سڄي دنيا ۾ عام ڪري رکڻ سان پوري دنيا جا محقق سڀني ٻولين ۾ ٻوليائي ساختن ۾ هڪجهڙائي ۽ فرق جو مطالعو ڪري سگهندا، ان سان گڏوگڏ مشيني ترجمن تحت سنڌي ڊيٽابيس پروگرام جوڙيون ويندو، جيڪو هڪ مڪمل ويساھ ڀريو ٻوليائي ڊيٽابيس مھيا ڪندو ۽ مشيني ترجمن وارن نظامن جھڙوڪ گوگل، بنگ وغيرہ کي سنڌي ٻوليءَ جي ترجميڪاريءَ کي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهندو، جنھن جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ کان ٻين ٻولين ۾ لفظن ۽ جملن کي ڀلي نموني سان ڇيد ڪري ترجميڪاريءَ ۾ مدد ملي ويندي.

مٿين سڀني ڳالهين کي ذھن ۾ رکندي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي اندر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جي ٽيم پاران سنڌي ٻوليءَ لاءِ “ورڊنيٽ” طرز جو ھڪ پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ۾ ھن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي ڊيٽابيس ۾ ڪٺي ڪيل ڏيڍ لک لفظن جي ترڪيب ڪاري، ضدن، زمرن، جنسن، زمانن، مثالن تي ڪم ھلي رھيو آھي، جيڪو اميد آھي ته 2024 جي انت ۾ پنھنجي مڪمل لي آئوٽ سان اسان سڀن آڏو آندو ويندو. جيئن ته ھي ڪم اڃان شروعاتي مرحلن ۾ آھي، اھو جيئن جيئن مڪملتا جي ويجھو پھچندو ته ان جو لاڀ به ايترو ته شاندار ۽ لاجواب ھوندو جو سمجھو …سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙن جا ٿَڪَ ئي لھي ويندا.