ڪپھه صاف ڪرڻ، تنبڻ، ڌاڳو ۽ ڪپڙو تيار ڪرڻ لاءِ قديم زماني کان جيڪي اوزار دنيا جي مختلف علائقن ۾ استعمال ٿيندا رھيا آھن، انھن جو جائزو پئي ورتو. جنھن ڳالھه منھنجو ڌيان ڇڪايو شايد توھان به تصويرون ڏسي ڌيان ڏيو ته دنيا ۾ جيڪي قومون اڄ ترقي يافته ۽ خوشحال آھن انھن  جي ھنرمندن وقت به وقت پنھنجي اوزارن ۾ اھڙيون تبديليون ڪندا آيا جن سان اھي اوزار اڳ کان وڌيڪ ڪارائتا بڻبا پي رھيا. مثال طور مان ھتي تند Fiber مان ڌاڳو تيار ڪندڙ اوزار جنھن کي پاڻ  چرخو سڏيندا آھيون، ان جون تصويرون رکيون اٿم. ڌيان سان ڏسو ته اسان وٽ اڄ تائين پنھنجي ديسي چرخي ۾ ذري برابر به ڪا تبديلي نه اچي سگھي. ھوبھو اڄ به ساڳيو آھي جيڪو ھزار سال يا ان کان به. اڳ ھو. ٻئي پاسي يورپي لوڪن جو چرخو آھي جيڪو 500 سال اڳ به ھتان واري چرخي کان استعمال ۾ آسان ۽ ڪارڪردگي ۾ گھڻو بھتر ھو. آھن ته ٻئي ڪاٺ مان ٺھيل سادا سودا. اوزار ۽ ٻنھي جو ڪم به ساڳيو آھي. پاڻ واري چرخي تي ڌاڳو وٽيندڙ پورھيت کي ٻئي ھٿ ھڪ ئي وقت استعمال ڪرڻا پيا پون پر يورپي چرخو پير جي مدد سان ڦري پيو جنھن ڪري ڌاڳي لاءِ سندس ٻئي ھٿ آزاد آھن ۽ ھو آرام سان پنھجو سمورو ڌيان  ڌاڳي جي وٽ تي ڏيندي گھٽ وقت ۾ وڌيڪ ۽ بھتر معيار جو ڌاڳو تيار ڪري پي سگھيو.

ھر صنعت لاءِ پورھيت جي محنت سان گڏ اوزار جي اهميت به هوندي آهي. اوزار جو معيار پورهيت جي ڪارڪردگيءَ ۽ پيداوار جي معيار ۽ مقدار تي اثر انداز ٿيندو آهي. اوزار ٺاهيندڙ هنرمند جيڪڏهن ذهين ۽ اختراعي سوچ (Creative minded) هوندو ته پنهنجي تيار ڪيل اوزار تي سدائين سندس گهري نظر رهندي. جنهن سان کيس پنهنجي اوزار جي ڪمزورين ۽ خامين جو پتو پوندو رهندو ۽ هو جڏنهن اهڙو ئي ٻيو اوزار تيار ڪرڻ ويهندو ته ان ۾ مناسب تبديلي آڻي اڳئين کان بهتر بنائڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.چين جاپان يا يورپي لوڪن جي هنرمندن ۾ اها صلاحيت موجود هئي پر اسان جو هنرمند ان صلاحيت کان محروم ٿو لڳي. اهو Trend اسان وٽ قديم زماني کان هلندو پيو اچي. اختراع يا نواڻ طرف اسان جو ڪو به ڌيان نه اڳي هو نه هاڻي ئي آهي. ان جا ڪهڙا سبب آهن سو ته خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي…. (فيس بوڪ تان ورتل)