وڳڻ (ن پ ا) ھٽڙي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل علي اڪبر جوڻيجو جو مڙھه سندس ماءُ حوالي ڪرڻ بعد وڳڻ ۾ تدفين ڪئي وئي، وارثن پوليس جي مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو،  ٻه ڏينھن اڳ حيدرآباد جي ھٽڙي واري علائقي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن ڏوھارين جي سڃاڻپ امتياز ڀنڊ، علي اڪبر جوڻيجو ۽ اظھار گولو طور ٿي هئي، علي اڪبر جوڻيجو جو مڙھ ضروري ڪارروائي بعد سندس ماءُ حوالي ڪيو ويو، ايمبولينس ذريع مڙهه وڳڻ جي ڳوٺ جعفراڻي آندو ويو، وارثن جو چوڻ ھو ته ھٽڙي پوليس جڙتو مقابلي  ۾ علي اڪبر کي قتل ڪيو آھي، جاچ ڪرائي وڃي.