ھوم اسڪولنگ ڏانھن وک کڻندڙ ٻار

0
408

ھن وقت پاڻ سڀئي جنھن صورتحال مان گذري رھيا آھيون اھا ڪافي ڳڻتيءَ جوڳي آھي اُن صورتحال جي ڪري ماڻهن جي سوچ وقت سان گڏ تبديل پڻ ٿي رهي آهي، حالتن ماڻھن کي اڳتي جي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ تڪڙي وک کڻائي آھي، خاص طور تي ڪووڊ 19 جي نتيجي ۾ روزانيءَ جي زندگي ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن انهن نه صرف تمام گهڻي سنجيدگي پيدا ڪئي آھي پر گھڻي حد تائين مثبت تبديلي پڻ آندي آهي ايئن کڻي چئجي ته ماڻھن جي سوچ ۾ 180 ڊگري تائين جو وڪڙ آيو آھي جنھن ماڻهن کي زندگيءَ گھارڻ بابت نون زاوين کان سوچڻ تي مجبور ڪيو آھي. پوري دنيا ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري سڀ کان وڌيڪ تعليم جو شعبو متاثر ٿيو آھي جيڪا صورتحال والدين کي به وڏي ٻُڏتر جو شڪار ڪري چڪي آهي، ڪورونا وبا جي ڪري اسڪول بند ٿي ويا آهن ٻيو ڀيرو لاڪ ڊائون لڳي چڪو آھي، ٻارن کي پنھنجن گھرن تائين محدود ڪيو ويو آھي، امتحانن کي پڻ ملتوي ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ٻارن لاءِ آن لائن ڪلاسز پڻ شروع ڪيا ويا آھن، گذريل سال کان ھن وبائي مرض جي ڪري ٻارن جي صحت بابت والدين کي ڪيئي خدشا مسلسل پريشانيءَ ۾ رکيو ويٺا آھن ته ڇا ھو ٻارن کي اسڪولن ۾ واپس موڪلين يا نه..!.؟ ٻئي پاسي ٻارن کي معياري تعليم جي فراهمي بابت پيدا ٿيل پريشاني به والدين جي مٿي جو سور بڻيل رھي آھي، اهڙين حالتن ۾ اڪثر والدين پنهنجن ٻارن لاءِ گهر ۾ ئي اسڪول واري تعليم کي جاري رکڻ واري سوچ کي اھميت ڏيندا رھيا پر اھو سوال ھر پل سندن سامھون رھيو ته ڇا معياري تعليم تائين ٻارن جي رسائي ٿي سگھندي!؟
گهر ۾ رھي ڪري پڙھڻ جنھن کي ھوم اسڪولنگ به چيو وڃي ٿو اُن ۾ سکيا وٺڻ جو سوال اڄ والدين طرفان ھڪ ڀيرو ٻيھر اٿاريو پيو وڃي، جيتوڻيڪ گهر جي سکيا دنيا ۾ هڪ ترقي پسند تحريڪ واري حيثيت ماڻي چڪي آهي، والدين ھن وبائي صورتحال جي ڪري پنهنجي ٻارن کي روايتي سرڪاري يا خانگي اسڪولن ۾ موڪلڻ بدران گهر ۾ ئي تعليم ڏيڻ کي سندن لاءِ تحفظ سمجھن پيا پر کين اھو پڻ خدشو آھي ته ٻارن کي معياري تعليم آن لائين وسيلي نه پئي ملي سگھي. ھڪ سروي جي نتيجن موجب والدين ڪيترن ئي سببن جي ڪري گهر ۾ ئي ٻارن کي سيکارڻ ۽ پڙھائڻ جي چونڊ ڪندا آهن، جڏھن ته ٻارن کي ملندڙ تعليمي آپشنز تي ڪنھن حد تائين عدم اطمينان ته رھي پيو پر تعليمي فلاسافي ۽ پڙھائڻ جي طريقي تي سوال کنيل ئي رھندا آھن ٻئي طرف تدريسي ڪتابن ۾ مذھب بابت مواد جي پيوندڪاري واري رجحان جو وڌڻ ۽ اهو يقين پڻ شامل آهي ته روايتي اسڪولن ۾ ٻارن کي ذاتي ۽ علمي تربيت نه پئي ملي. ڪجھه تعليمي ماھرن موجب هوم اسڪولنگ جو هڪ فائدو اهو به آهي ته ٻار پنهنجي مزاج ۽ وقت مطابق اڳتي وڌي سگهندا آهن، اُنھن جي سکڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت برعڪس اسڪول جي گھر ۾ رھي ڪري ڪجھه گھڻو وڌندي آھي، اھو تجسس ٻار لاءِ ڪاليج ۾ پھچڻ جي عمر تائين رھندو آھي. هوم اسڪولنگ ذريعي ٻارڙن کي مڪمل تعليم ۽ تربيت ڏئي سگهجي ٿي يا ڪجهه سالن تائين کين ايئن اھڙي ماحول ۾ پڙھائي سگھجي ٿو اسڪولنگ کانپوءِ ٻارن کي مرڪزي تعليم واري سسٽم (اسڪول يا ڪاليج) ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو جنھن جو ڪو منفي اثر ٻار جي نفسيات تي نه ٿو پئي.
هوم اسڪولنگ واري تحريڪ جي شروعات 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ٿي ھئي، جڏهن ڪجهه مشهور ليکڪن ۽ محققن جهڙوڪ جان هولٽ، ڊوروٿي ۽ ريمنڊ مور جھڙن وڏا نالا رکندڙ تعليم جي دانشورن تعليمي سڌارن بابت لکڻ شروع ڪيو. اُنهن ڏاھن هوم اسڪولنگ کي متبادل تعليمي آپشن طور تجويز ڪيو آھي. يو ايس نيشنل هوم ايجوڪيشن ريسرچ انسٽيٽيوٽ مطابق، آمريڪا ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻار گهر مان تعليم يافته ٿي سوسائٽيءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيا آهن ۽ هر سال اها شرح تيزي سان وڌندي پڻ رهي ٿي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪري ٿيل ڪتاب Teach Your Ownجي ليکڪ جان ھولٽ مطابق والدين پاران پنھنجن ٻارن کي ھوم اسڪولنگ دوران پسند ڪرڻ، انھن سان انھن جيترو ٿي کين سيکارڻ واري سوچ رکڻ، ٻارن جي توانائي کي وڌائڻ، انھن جون ٻاراڻيون سھڻ، انھن جي جذبات سان گڏ انھن جي ساٿ مان لطف اندوز ٿيڻ واري ماحول کي ھٿي ڏيڻ گھرجي. والدين پنهنجي ٻارن جي سموري ڳالھه ٻولھه ۽ اُنھن پاران اٿاريل سوالن مان لطف اندوز ٿين ۽ انهن سوالن جو ساڳيو ئي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ته ھوم اسڪولنگ جا مثبت نتيجا اخذ ڪري سگھجن ٿا ۽ ٻارن سان رُلي ملي وڃڻ واري رويي کي اھميت ڏني وڃي. گهر جي اسڪولنگ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي شرط اهو آهي ته تعليمي عمل لاءِ ڀرپور جذبو ھجي جڏھن ته سڀ ڪجهه ڪري ڇڏڻ جي سوچ ۽ سکڻ سيکارڻ جي خواهش جو ھجڻ ئي سُٺا نتيجا ڏئي سگھي ٿو. اڪثر والدين صبح جو سوير ئي روايتي اسڪول واري طريقي سان ٻارن لاءِ تربيتي عمل شروع ڪري ڇڏيندا آھن جڏھن ته ڪجھه والدين ۽ اسڪول جي سسٽم ۾ ڪو گھڻو فرق نه ھوندو آھي، جيڪڏھن ٻار سمهڻ کان پهريان سائنسي تجربي بابت ڪوشان ھوندو آهي ته والدين اهو ڏسڻ چاھيندا آھن ته ٻار جو حوصلو ڪيتري حد تائين وڃي سگھي ٿو. ھوم اسڪولنگ جي طريقي تي عمل ڪرڻ وارا جنھن تعليمي فلسفي جي چونڊ ڪندا آھن اھو انھن جي روزاني جي زندگيءَ جي معاملن کي گھڻي ڀاڱي متاثر ئي ڪندو آھي، اسان اڪثريت والدين جي صرف ھڪڙو ئي تعليمي طريقو سکيل آھيون جنھن ۾ درسي ڪتابن جو روايتي نظام، قطار ۾ لڳل بينچ تي ويھي امتحان ڏيڻ جھڙو طريقو اپنائڻ ئي شامل آھي. جڏھن ته دنيا ۾ ڪيترائي تعليمي فلسفا موجود آهن، جن ۾ والڊورف، مونٽيسوري، شارلٽ ميسن، ڪلاسيڪي، رهبري تعليم، دلچسپيءَ موجب تعليمي نظام، يونٽ جي پڙهائي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه شامل آهن. ھوم اسڪولنگ سڀني جي خيال کي ملائڻ جي آزادي فراهم ڪري ٿي، ٻارن جي ضرورتن کي بهترين طور تي پورو ڪري ٿي. ھوم اسڪولنگ ۾ (والدين / استاد) تعليمي ڪئلينڊر تي عمل پيرا ٿيڻ يا ان کي نظرانداز ڪرڻ ۾ آزاد آهن. جڏھن ته ڪيترائي والدين روايتي اسڪول جي ڪئلينڊر جي پيروي ڪندا رھندا آهن جڏهن ته ضرورت موجب ھو ان ۾ مخصوص هفتن لاءِ گھربل تبديلي ڪري به ڇڏيندا آھن.هوم اسڪولنگ جو رجحان تيزي سان وڌڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي نصاب ۽ وسيلا ھاڻي مارڪيٽ اندر وڏي تعداد ۾ موجود آهن. مختلف تعليمي فلسفن جا ڪيٽلاگ، سکڻ جي طورطريقن جا ميٿرڊ ۽ ھوم اسڪولنگ جي استادن لاءِ روز جي بنيادن جي سکيا جا مينيوئلز، ٽٽوريل وڊيوز واري مواد سان گڏ گھر ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ان سلسلي جي ڪڙين ۾ شامل آھي. اهي مضمون جيڪي عام طور تي پڙهايا ويندا آهن انهن ۾ اسڪول جي روايتي پروگرامن سان گڏوگڏ ادب، ثقافت ۽ نظم و ضبط جي تربيت کي شامل ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اُھي حڪمت عمليون پڻ شامل ھجن ٿيون جيڪي ٻارن جي دلچسپي کي ھٿي وٺرائن ٿيون. ڪين رابنسن پنهنجي ڪتاب The Element۾ لکي ٿو ته تعليمي تبديلي جي چاٻي تعليم کي معياري ڪرڻ نه پر ان کي ذاتي بڻائڻ آهي، ٻارن کي اھڙي ماحول ۾ وٺي اچڻ جنھن ۾ دلچسپيءَ سان سکي سگھي ۽ ٻار پنھنجي انفرادي صلاحيتن کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي، ايئن کڻي چئجي ته شاگردن کي اهڙي ماحول ۾ رکڻ جتي اُھي سکڻ چاهين ۽ جتي اهي فطرتي طور تي پنھنجن حقيقي احساسن کي ڳولي لھن. ھوم اسڪولنگ جو ماحول هڪ فطري تربيت مھيا ڪري ٿو، جنھن ۾ ٻار کي انفرادي نوعيت جا طريقا تدريس مھيا ڪري سگھجي ٿو. جيڪو ان جي انفراديت ۽ سکڻ جي انداز سان ھڪجھڙائي رکي ٿو. ھوم اسڪولنگ ۾ ٻارن کي اڪثر اھڙا مضمون پڙھايا وڃن ٿا جن جو واسطو ڪلاس يا عمر سان ناهي ھوندو، جهڙوڪ تاريخ، ادب ۽ آرٽس سان گڏ هر قسم جي قابليت کي پرکڻ لاءِ اسائنمينٽ ڏنا ويندا آهن. جڏھن ته رياضي جو مضمون هر ٻار جي انفرادي ضرورتن مطابق ترتيب ڏئي کيس سيکاريو ويندو آھي.جيئن ڪووڊ 19 دنيا کي گهيري ھڪ ھنڌ بيھاري ڇڏيو آھي بلڪل اُن وبائي صورتحال ۾ دنيا کي اسڪول مڪمل طرح بند ڪرڻا پئجي ويا آھن ته جيئن ٻارن کي هن عالمي وبا کان بچايو وڃي، يونيسيف جي رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي ڪري لڳايل لاڪ ڊائون جي گذريل لھر سموري دنيا ۾ ھڪ ارب 75 ڪروڙ کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم تي سڌي ريت اثر انداز ٿي، جڏھن ته تعليمي سال ۽ امتحان جو شيڊول به خراب طور تي متاثر ٿيو، اسڪولن جي بندش کانپوءِ آن لائن تعليم جي فراهمي شروع ٿي،تنهن هوندي به اڪثر والدين اھا شڪايت ڪندا رھيا ته ٻار (خاص ڪري جيڪي پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪولن ۾ آهن) اهڙين حالتن ۾آن لائن ڪلاس وٺڻ ۽ ٻين ڊجيٽل تدريس جي سرگرمين ۾ مشغول نه ٿي سگھيا آهن، انهن کي هر وقت ٻارن جي نگراني ڪرڻي پئي آهي ته جيئن اهي استادن کي غور سان ٻڌن ۽ ملندڙ تعليم سمجھن. پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر کان پوءِ سموري ملڪ ۾ اڪثر تعليمي ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر بند ٿي چڪا آهن، جنهن بعد اسڪولن طرفان آن لائن ڪلاس ٻيهر شروع ڪيا ويا آهن، آن لائن سکيا ايتري وسيع آهي جو تقريبن سڀئي تعليمي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن سواءِ ڪورسز جي جنهن ۾ عملي سرگرميون اھميت رکندڙ آهن پر ڪنهن ٻار لاءِ اسڪول وڃڻ بدران ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ کي سامھون رکي آن لائن تعليم حاصل ڪرڻ سولو ڪم ناهي سو ان جي لاءِ ھوم اسڪولنگ کي بھتر انداز ۾ ھڪ ٽول طور کڻي سگھجي ٿو يا وري آن لائين تعليم ۾ تفريح کي شامل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.