ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ 60 ورهين جي عورت مسمات گلزادي جي قتل جو ڪيس ٽن ڏيرن جي پٽن سميت 5 ڄڻن خلاف سندس مڙس جي فرياد تي داخل، گرفتاري نه ٿي سگهي، خبر موجب ڳوٺ ابدال شاخ واسي قتل ٿيل پيرسن عورت جو ڪيس مقتولا جي مڙس معتبر چانڊيو جي فرياد تي عورت جي ڏيرن جي ٽن پٽن سميت 5 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ فريادي جا 3 ڀائيٽيا الاهي بخش چانڊيو، نبي بخش، بابو عرف عبدالنبي چانڊيو، طارق چانڊيو ۽ مٺل چانڊيو شامل آهن، سمورا جوابدار شهدادڪوٽ ۽ ڪراچي جا رھواسي ٻڌايا وڃن پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي مڙس ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس ڀائيٽين ۽ ٻين پئسن جي ڏيتي ليتي تان پيرسن زال کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن پوليس قتل ۾ ملوث هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.