ڳڙھي ياسين (رپورٽ: وحيد ڀٽو) ڳڙهي ياسين ويجهو دلاور معرفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رضا محمد عيساڻي ۾ عيساڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڄڻن لقمان ۽ وزير جي مارجڻ واري واقعي جو ڪيس مقتول لقمان عيساڻي جي زال مسمات زادي جي فرياد تي دلاور معرفاڻي ٿاڻي تي 16 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ شهزادو عيساڻي، غمٺار، نظر محمد، فرمان، عرض محمد، حاڪم، رشيد، غلام مصطفيٰ، رضا محمد، خاوند بخش، حاجي عيساڻي ۽ 5 اڻ سڃاتل کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ آهي ۽ ٻئي ڌريون مورچا بند آهن، جنهن ڪري ٻيهر رتو ڇاڻ جو خطرو آهي.