ڳڙهي خيرو ۾ پاڻي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال

0
117
ڳڙهي خيرو ۾ پاڻي

ڳڙھي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ پاڻي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف شٽربند هڙتال، صرافا بازار، شاهي بازار ۽ ٻين مارڪيٽس ۾ دڪان نه کُليا، وڏي انگ ۾ شهرين طرفان مارچ بعد بيگاري ڪئنال جي پُل تي ڌرڻو ھنيوويو

 سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن جي به ڌرڻي ۾ شرڪت، بيگاري ڪئنال ۾ پاڻي جي بندش ختم ۽ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ڳڙهي خيرو جي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ تحريڪ وڌائڻ جو چتاءُ ڏنو ويو

اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ بيگاري ڪئنال ۾ پاڻي جي بندش ختم ڪئي وڃي، ھنن چيو تھ مھانگائي سبب اڳ ئي پريشان آھيون، فصل نھ ٿي سگھيا آھن،  پاڻي جي بندش ختم ڪئي وڃي