ڳيريلو (ن پ ا ) ڳيريلي ۾ اٽي جو بحران برقرار آهي، سنڌ حڪومت جي 65 رپيا في ڪلو واري اعلان تي به عمل نه ٿيو، اٽو 120 رپيا في ڪلو وڪامجي رهيو آهي. شهرين ساگر شاھ، امداد سنجراڻي، عادل حسين، شفيق ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته واپارين توڙي چڪي مالڪن ملي ڀڳت ڪري اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري 120 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته سرڪار پاران 65 رپيا في ڪلو واري اعلان تي به عمل ناهي ٿي سگهيو. واپارين، دڪاندارن ۽ چڪي مالڪن خلاف قانوني قدم کڻي ڳيريلي ۾ به سستي اٽي جا اسٽال لڳائي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.