اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ڳرن ٽيڪسز سان ڀرپور وفاقي بجيٽ منظور ڪري ورتي، بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي وڌائڻ واري ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي، اپوزيشن جون ترميمون رد، سخت احتجاج، واڪ آئوٽ، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو، مالي سال 25-2024 لاءِ  18 هزار 887 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ منظور ڪئي وئي، اپوزيشن جون ترميمون رد ڪيون ويون، پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي لاءِ پ پ ترميمون واپس ورتيون،  ناڻي وزير محمد اورنگزيب فنانس بل ۾ ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب بجيٽ ۾ پيٽروليم ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي وڌ کان وڌ 70 رپيا في لٽر مقرر ڪرڻ جي ترميم پيش ڪئي، ترميم جي حق ۾ 170 ۽ مخالفت ۾ 84 ووٽ پيا، اپوزيشن جون بجيٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ تي پيٽروليم ليوي جي وڌ کان وڌ حد 50 روپيا في لٽر مقرر ڪرڻ واري ترميم به منظور ڪئي وئي. سولر پينل ۽ انورٽر پارٽيس جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ جي منظوري ڏني وئي، عالمي ايئرٽڪيٽ تي فيڊل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 100سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، فنانس ترميمي بل ۾ ٽيڪس گهٽائڻ بدران وڌائي وئي، اسٽيشنري تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري 10سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، رٻڙ، پينلس، شاپنر تي 20سيڪڙو ٽيڪس تجويز، قلم، بال پين،مارڪرز، ڪلر پينسل سيٽ تي 10سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿي ويندي، ريئل اسٽيٽ جي مليڪتن جي وڪري تي پهريون ڀيرو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، ايوان سيلز ٽيڪس آڊٽ جي لاءِ ايف بي آر آفيسرن جي اختيارن ۾ وڌيڪ اضافي جي ترميم منظور ڪري ورتي. ايف بي آر کي سيلز ٽيڪس آڊٽ جي لاءِ سمورو رڪارڊ ۽ ڊيٽا حاصل ڪرڻ جو اختيار هوندو. سيلز ٽيڪس آڊٽ جي دوران انفرادي حيثيت يا مجاز اٿارٽي کي پيش ٿيڻو پوندو. سيلز ٽيڪس آڊٽ ۾ 6 سالن کان پراڻو رڪارڊ ايف بي آر نه طلب ڪري سگهندي. ٽيڪس فراڊ پڪڙڻ جي لاءِ ايف بي آر ۾ ٽيڪس فراڊ انويسٽيگيشن ونگ قائم ڪيو ويندو. ونگ ٽيڪس چوري، ٽيڪس فراڊ، جاچ ۽ ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، نان فائيلرز وٽ ٽيڪس ادا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به دڳ نه آهي، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته هي بجيٽ پاڪستان جي عوام خلاف اقتصادي دهشتگردي آهي، مهانگائي گهٽجڻ جي دعويٰ ڪندڙ عقل جا انڌا آهن، حڪومت پاڻ تسليم ڪيو آهي ته هنن بجيٽ ٺاهي نه آهي پر هنن کان ٺهرائي وئي آهي، اسد قيصر چيو ته آءِ ايم ايف جي بجيٽ ٺاهي وئي آهي، نوان ٽيڪس عوام کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. بريسٽر گوهر چيو ته پهريون ڀيرو اٽي تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آهي. پي آءِ اي ۽ 9 ڊسڪوز کي پرائيويٽائز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جيستائين ايف بي آر جي اسٽريڪٽر ۾ تبديلي نه ڪندا ٽيڪس 20 سيڪڙو نه وڌندو. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوريءَ دوران قومي اسيمبلي ۾ بچاءَ واري وزارت جا 2149 ارب 82 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا ناڻي مطالبا به منظور ڪيا ويا. انٽيليجنس بيورو لاءِ 18 ارب 32 ڪروڙ، جڏهن ته اسلام آباد جي ضلعي عدالتن لاءِ هڪ ارب 36 ڪروڙ، هوابازي ڊويزن لاءِ 26 ارب 17 ڪروڙ،موسمياتي تبديلين لاءِ 7 ارب 26 ڪروڙ 72 لک جا ناڻي جا مطالبا به منظور ڪيا ويا. اسيمبلي ۾ واپار واري وزارت 22 ارب 73 ڪروڙ 75 لک رپين، مواصلات ڊويزن جا 65 ارب 31 ڪروڙ 50 لک 59 هزار جا 4 مطالبا، دفاعي پيداوار ڊويزن جا 4 ارب 87 ڪروڙ 9 لک 50 هزار رپين جا ٻن مطالبن جي منظوري ڏني وئي. ياد رهي ته 12 جون تي وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ پيش ڪئي هئي. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي وزير ٻڌايو هو ته وفاقي حڪومت جو ٽيڪس روينيو جو ٽارگيٽ 12 هزار 970 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي، نان ٽيڪس روينيو 4 هزار 845 ارب ۽ سڌي ريت ٽيڪس وصولين جو هدف 5 هزار 512 ارب، انڪم ٽيڪس مد ۾ 5 هزار 454 ارب هدف مقرر ڪيو ويو آهي، وياج جي ادائگي تي 9 هزار 775 ارب خرچ ٿيندا، مجموعي بجيٽ خسارو 7 هزار 283 ارب جو ڪاٿو آهي.