ڳاڙھي موري (ن پ ا) ڳاڙھي موري ۾ الشمس ڪرڪيٽ ڪلب ڳاڙھي طرفان ايم اين اي سيد جاويد شاھ جيلاني ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو، فائنل المخدوم بادشاھ پريالوء ۽ الشمس ڪلب ڳاڙھي  موري وچ ۾ ٿيو. پھرين بيٽنگ ڪندي پريالوء المخدوم 90 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو الشمس ڪرڪيٽ 6 اورن ۾ ٺاھي ٽرافي پنھنجي نالي ڪري ڇڏي .  الشمس جي چيف آرگنائزر حسين مھر ، الشمس ڪلب جي ڪپتان عبدالمنان ٽرافي حاصل ڪئي  ۽۔  رنر ڪپ المخدوم جي ڪپتان تقي شاھ حاصل ڪيو. تقريب ۾ پريالوء ٽائون ڪميٽي جو چئرمين سيد جمن شاھ، سماجي اڳواڻ حسين مھر، عبدالغفار مھر، بلال انصاري، عامر جوڻيجو، شمس مھر، غلام علي منگي، لالو امين پٺاڻ، مور مھر، نياز سولنگي، انور مھر لالو برڙدي شريڪ ٿيا.