ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … سڀ رنگ سانول دنيا جو ھيڪل وياڪل ماڻھو

0
31
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... سڀ رنگ سانول دنيا جو ھيڪل وياڪل ماڻھو

 ٽنڊي الھيار جون چھچ سايون ٻنيون ڪيلي ۽ انب جا باغ ختم ٿيا. چمبڙ شھر مان گلاب لغاري وارو ھنڌان ھنڌان ٽٽل رستو ورتوسين. اڳيان انتظار ۾ بيٺل ممتاز آريسر ۽ مقبول نونداڻي اسان جا سونھا ٿيا. سڏ پنڌ تي اولھ طرف گاڏيون مڙيون. ڪچي جو ھمشڪل پڪو رستو ڪجھ ڪلوميٽرن تي ھلي نيٺ پڄاڻي تي پھتو ته ھڪڙو ننڍڙي شھر نما پر رونق ڳوٺ شروع ٿيو. ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ وڏيون ماڙيون، عاليشان گھر ۽ دل ڇڪيندڙ عمارتون ھيون. سي سي بلاڪ سان ٺھيل رستو ختم ٿيو ته اسان جي گاڏي ھڪڙي وڏي ماڙيءَ جي ڀرسان اچي بيٺي، مون تصور ڪيو ته متان علي حيدر جو گھر به سٺو ٺھيل ھجي. اسين گاڏين تان لٿاسين ته ماڻھن جو مختصر حلقو نظر آيو. ڪنھن ٻڌايو ته مقتول جو پٿر ھن پاسي آھي. ڪنڊ ۾ اڪيلي ڪکڙن جي جھوپڙي ھئي، ان جي مھڙ ۾ سرن سان ٺھيل، ڪکن سان ڇانيل اوتارو ھو، جتي اسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ٻالڪ ٽڪ ٽاڪر علي حيدر شيدي جي چاچي سان دعا جي رسم ڪئي. اتي ويٺل ڳوٺ جي سفيد پوشن مرحوم علي حيدر جي ساراھ جا ڍڪ ڀرڻ شروع ڪيا، سندس شھرت تي روشني وڌي. مون سوچيو اڄ جڏھن ھنن سڀني دولتمندن، زميندارن ۽ راڄ ڀاڳ جي چڱن مڙسن کان شيدي نينگر کڻي چڪو آھي، تڏھن ھي شرم پرچائڻ لاءِ سندس معترف ٿي پيا آھن.

جيئري ته کيس ھڪڙي ڪمري وارو گھر به ٺھرائي ڏيڻ جي جرئت نه ڪيائون. اسان جي گذارش تي ھڪڙو اڌڙوٽ شخص اسان کي مقتول جي امڙ سان ملائڻ وٺي ھليو. اسان پنڌ نڪتاسين. ھاڻ اسان اھڙي گھٽي ورتي، جيڪا گپ سان ڀريل ھئي. ان جي ٻنھي پاسن کان مال جا ڇيڻا ھئا. مکين جا ڪٽڪ ۽ بدبوءِ جو راڄ ھو. ڄڻ پوري ڳوٺ جي انساني وسندي جي وچ ۾ ھي گھٽي ڪنھن ٻي گرهه جي مخلوق طرف ٿي وئي. ان قسم جون گھٽيون مون اڪثر انڊين آرٽ فلمن ۾ ڏٺيون آھن يا پراڻن سنڌي ڊرامن ۾ ڏسندا ھئاسين.

ڪجھ دير ۾ اسين ان ڏکايل امڙ جي روبرو ھئاسين، جنھن جو جواڻ پٽ بي راھ مسافر جيان ماريو ويو ھو. ھوءَ آئي ته مڪمل ساڪن ھئي. اکيون ھيٺ ھئس ڪانن ۽ ڪاٺن سان اڏيل لوڙھي جي چئوديواري ۾ ھڪڙي جيل جي کولي نما ڪوٺي سامھون ھئي، جتي ڏک ونڊڻ لاءِ آيل عورتن جو خاشو تعداد موجود ھو. ان کان اڳ ۾ دوران دعا تڪ جو ايم اين اي براجمان اچي ٿيو پر مون سندس واتان متاثر خاندان لاءِ ڪو اعلان، ڪا امداد يا ڪو احساس ڀريل جملو نه ٻڌو. البت متاثر خاندان جي ھڪڙي پير مرد ان ايم اين اي جي اچڻ تي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ گد گد ٿيڻ لڳو. ايم اين اي بچاڻي لاءِ ڪرسي آندي وئي، جنھن تي ھو براجمان ٿيو. ويٺل آھستگي سان جوڻ لڳا ته ھي ڪنھن وٽ دعا لاءِ ناھي ويندو. مون بلند آواز ۾ وراڻيو ته ھي سوشل ميڊيا جو دٻاءُ آھي، نه ته وڏيرن جي ليکي قوم اُڪي ئي مري وڃي، فرق نٿو پوي.

علي حيدر شيدي چمبڙ جي ھن ڳوٺ جو ھڪڙو غريب ٻار ھو، جنھن جو پيءُ پڻ ڪي سال پھريان اهڙي ئي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ علي حيدر زماني جي ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ زندگي جو آغاز ڪيو. مقامي دوستن چواڻي ته ھڪ دفعي چمبڙ ۾ ڪنھن پوليس واري سندس وڊيو ٺاھي، جيڪا ٽڪ ٽاڪ تي اپلوڊ ٿيڻ کان پوءِ رڪارڊ وائرل ٿي ۽ اھا ڪجھ سيڪنڊن جي وڊيو علي حيدر جي شھرت جو سبب بڻي. “او ماما مير ڪيڏانھن ٽپڙ ٻڌيو وڃين ڇا؟” اھڙن جملن سان ترتيب ڏنل سندس ھڪڙي ٽڪ ٽاڪ ھند- سنڌ ۾ ھن جو تعارف ڪرائي ڇڏيو. ماڻھو پري پري کان خاص طور ڪھي اچي ساڻس وڊيو ٺاھڻ لڳا. ٻي طرف پنھنجي اباڻڪي ڪرت موجب ھو ميلن ۾ ملاکڙن دوران مخصوص مزاحيا جملن ۽ ماڻھن کي تفريح مھيا ڪرڻ واري ڪرت کي لڳي ويو. جيتوڻيڪ معاشي تنگي سبب وٽس ذاتي موبائيل ته نه ھو، جنھن تان ھو نت نوان وڊيوز ٺاھي اپلوڊ ڪري سگھي پر مختلف ماڻھو سندس وڊيوز وائرل ڪندا ۽ کيس پاپولر ڪندا رھيا.

ڏسندي ڏسندي ھو ھر دلعزيز شخص بڻجي ويو. سندس بي ساختا جملا ھن جي سڃاڻپ بڻجي ويا. سالگراھن، شادين، ڪاڄن، ميلن ۽ ڪچھرين ۾ علي حيدر کي گھرايو ويندو هو، اتي کيس خرچ پکو يا انعام اڪرام ملندو ھو. ان مان ھو گھر اچي امڙ، ھڪ ڀاءَ ۽ ھڪ ڀيڻ جي سار لھندو ھو. اڄ سندس ويران پڌر جي ڪيفيت ڏسي سوچيم:

اکين کان اکين جو وڇوڙو نه ٿئي

شل پرين پکين جو وڇوڙو نه ٿئي

ڪيترا ڏينھن ٿيا آھن ان ڳوٺ جا صبح لَڏي ويل خانه بدوشن جي ڇوڪرين وانگي روئڻھارڪين اکين سان ان جھڳي کي ڏسي رھيا آھن، جنھن جھڳي جي خاموش گسن ۾ ھو جيڏن ۽ سرتن سان رانديون ڪندو ھو. اڃان ته ھن جي اڪيلي ڀاڳڀري ڀيڻ جي گڏڙين جون شاديون اڌ ۾ رھيل ھيون، جنھن سان ھو ٻالجتي ۾ وڙھندو ھو ۽ ھو ھليو ويو. شايد آسمان جي ڪن فرشتن سان سندس ڪو واعدو ٿيل ھو ۽ اتي به ڪي سھرا ڳيچ ڳائڻا ھئس، ڪي مينديون لائڻيون ھئس، ڪي مزاحيا خاڪا ٺاھڻا ھئس، جو ماءَ کان موڪلائڻ کان بغير ھو وقت جي رٿ تي سوار ٿي نيري نڀ ڏانھن اڏامي ھليو ويو ھو، جيڪو گھر ۾ گھڻو وقت خاموش رھندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن امڙ کي کلائڻ لاءِ ھو جڙتو لطيفا گھڙي ٻڌائيندو ھو ته من ھن جي ماءَ جي ماٺ ٽُٽي پئي. پوءِ جڏھن سندس معصوم چھري تي سنڌ جي باک جھڙي مرڪ نمودار ٿيندي ھئي ته خوشي جي تاثير امڙ جي روح تائين پھچندي ھئي ۽ ماءَ جي اکين ۾ نور ورکا ٿي پوندي ھئي.

علي حيدر، ان عمر ۾ شينھن جھڙي دل رکي، جنھن عمر ۾ ڇوڪرا ڪاڪروچن کان به خوف کائيندا آھن. ھن درد جي دور سان باھمت ٿي منھن ڏنو. سندس امڙ جي بقول ته ھن سندس مک تي ڪڏھن به مايوسي جا پاڇا نه پسيا. ھميشه ھڪ زخمي مرڪ ھن جي رخ تي رقصان رھندي ھئي. ھن کي شايد وڃڻو ھو، ان ڪري امڙ چواڻي ته، ھن ساڻس ڳالھائڻ گھٽ ڪري ڇڏيو ھو. ڪنھن ڪنھن پل منھنجي اداس چھري ۾ تڪي وري چپ ٿي ويندو ھو. ڊگھين مسافتن تان موٽندڙ پٽ جي نيڻن م گڏ ٿيل ڏک جي نمي جو احساس کيس ستائيندو ھو، تنھن ڪري امڙ گھر ڀاتين کي جھليندي ھئي ته ڀاءَ کي غمِ دوران جي سفر دوران منھجي علالت جو يا گھر جي معاشي حالتن جو اطلاع نه ڏيو، متان مايوس ٿي وڃي. ھو ڏکن جي ڏيھ جو ٻالڪ جنھن جي جيون جي ڏور بنھ ننڍي ھئي، سو پنھنجي سڄي گھر ۾ سڀني جي زندگي ھو. سڀني جو ساھ پساھ ھو. جنھن جي وڃڻ سان سندس گھر ڀاتي اجتماعي طور مري ويا آھن. ماءَ جي ڏک جو ته اندازو ڪرڻ لاءِ مون کي شايد مري ٻيھر جنم وٺڻو پوندو. گھر جو شھزادو، جنھن جي ٻالڪپڻ ۾ پيءُ جدا ٿيو ته ماءَ کيس لمحي لاءِ به ڪڏھن يتيم ھجڻ جو احساس ٿيڻ نه ڏنو، سو ماءَ کي عمر ڀر لاءِ تنھا ڪري ھليو ويو. ان کي ھاڻ سندس جيجل امڙ جنم جنم جي جوڳڻ بڻجي تلاش ڪندي رڻن جي رستن م رلندي رھندي.

ھو جيڪو پنھنجي ماءَ جو فرمانبردار پٽ، سھارو، ساٿي، دل جو ڏڍ ۽  روح ھو، ان کان سواءِ ھوءَ زندگي جو ھي پر خطر اڻانگو ۽ اڻڄاتل سفر ڪيئن ڪٽي سگھندي؟ اھو سوچيندي اکين اڳيان موت جھڙو انڌارو اچي ٿو وڃي.

آئون ھڪ دفعو وري ڳوٺ جي وڏين ويڪرين حويلين ڏانھن ڏسي علي حيدر جي ڪکن جي جھوپي ڏانھن ڏسان ٿو ته منھنجي دل اڇل ڏئي ڄڻ ٻاھر نڪري اچي ٿي. سوچيان ٿو ته تيل، گيس، ڪوئلي، سمنڊ، درياھ جھڙيون نعمتون رکندڙ وطن جا لکين علي حيدر ائين بي رحم حالتن ھٿان نڌڻڪن جيان ماريا وڃن ٿا، پويان رڳو سوڳ جي شام رھجي وڃي ٿي.

حالت لطيف جي ھن بيت جھڙي ھئي ته،

وانڍون ڇڏي ويندا رهيا، هو چلها هي چٽ،

اڄ نه انهي ڀيڻيين، مارو منهنجا مٽ،

سنگهارن جي سٽ، وڃي پسان ويڙهي ۾.