ڳالهيون ڳنوارن جون … انڊس ڊيلٽا جي بايوڊائيورسٽي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جا اثر

0
141
ڳالهيون ڳنوارن جون ... انڊس ڊيلٽا جي بايوڊائيورسٽي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جا اثر

  اسان جي هن يونيڪ انڊس ڊيلٽا جي بايوڊائيورسٽي (حيات رنگي)  به يڪتا آهي. بايوڊائيورسٽي زندگي جي گوناگونيت جو نالو آهي. زندگيءَ جا مختلف رنگ ۽ قسم جيڪي ڌرتيءَ تي ڪٿي به موجود هجن يا مخصوص علائقي ۾ هجن. ڌرتيءَ تي انسان ته انسان پر ننڍڙي ماڪوڙي کان هاٿي تائين، ننڍڙي ڪريب کيکڙي کان شارڪ يا گهوڙا مڇي تائين، کرانڊي کان کبڙ ڄار تائين، سموري حياتيات ۽ نباتات بايوڊائيورسٽي جي دائري ۾ اچي ٿي. اسين جيڪو ساهه کڻون ٿا، کاڌو کائون ٿا، اهو سڀ بايوڊائيورسٽي تي نيڀر ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ جانورن جا قسم، توڙي وڻن ٻوٽن جا قسم ويندي سر ڪانهن، نانگ کنڀي تائين، سڀ هڪ ٻئي تي نيڀر ڪن ٿا. بايوڊائيورسٽي ۾ سائنسي، معاشي، ثقافتي ۽ نسلي واڌ ويجهه يا قدر موجود آهن. اها اسان کي هر شئي مفت فراهم ڪري ٿي.

                 اسان جي هن دوآبي تي انسان رهن ٿا. هتي هر قسم جا جانور آهن. مرون، گدڙ، سَهي کان وٺي نور نانگ ۽ ٻيا ريڙهيون پائيندڙ جانور موجود آهن. پکين ۾ خشڪي جا چڙيون، جهرڪيون، ڪانگ ۽ وهيا وغيره آهن. هن جي درياهن ۽ سمنڊ ۾ هر قسم جي مڇي ۽ آبي جيوت رهي ٿي. پاڻيءَ جا لاکي ڄاڃي، پيڻون ۽ پوراڙا، هنجهرون، سيگل، سانءِ ۽ سيلڻيون ۽ سياري ۾ باز، ڪڙل، تور، نيرڳي، ڊگوش کارائي هنجهه ۽ ٻيا انيڪ روهاڪي پکي ايندا آهن. انڊس ڊيلٽا جون ڪيٽيون، ڌٻڻيون، گپ وارا ميدان، انهن تي اڀريل اوڀڙ، انهن جي مٿان ماڪ ڦڙا، واهوندي جون هوائون، مئي جون، جون ٻٽون، جولاءِ آگسٽ جو آسمان تي اڏامندڙ ڀورا ۽ ڪارا ڪڪر، گهم، برساتون، سهڻو سمنڊ ۽ ان جون کاريون، انهن تي ترندڙ ٻيڙائتن جون ٻيڙيون ۽ هوڙها. مهربان فطرت جا ڇا ته رنگ ڀريل آهن. هتي ليون، لاڻا، کبڙ ڄار، مينگروو سميت هر قسم جا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه فطرت جا سڀ شاهڪار پنهنجي پوري سونهن سان ٻهڪي رهيا آهن. هتي جي شاندار بايوڊائيورسٽي جي هر حالت ۾ حفاظت ڪرڻ گهرجي. بايوڊائيورسٽي تي ڌيان نه ڌرڻ ڪري دنيا جو وڏو نقصان ٿي چڪو آهي. اوهين رپورٽون کولي پڙهو. گذريل پنجاهه سالن دوران دنيا مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ جانور ختم ٿي ويا. آفريڪا مان 65 سيڪڙو شينهن ختم ٿي ويا. يورپ ۾ پوپٽ 75 سيڪڙو ختم ٿي چڪا. بلوفن ٽيونا نالي واري مڇي 95 سيڪڙو ختم ٿي وئي. يو اين او جي هڪ رپورٽ مطابق، ايندڙ 80 سالن ۾ 10 لک اسپيشيز دنيا جي گولي مان ختم ٿي وينديون. هتي اسان وٽ سنڌ ۾ ٻل ٽنڊڻ (کڙکٻيتا) 95 سيڪڙو ختم ٿي ويا. روهاڪي پکي 75 سيڪڙو ختم ٿي ويا. ڳجهن جو نسل ختم ٿي ويو. تلور ۽ ڪروان اڻ لڀ ٿي ويا. آبي جيوت ۾ پلو ۽ قيمتي سانا ناياب ٿي ويا. اٺين، ڳاڙهي مليري ڳئون ۽ ڪامورين ٻڪرين جو نسل ختم ٿيندو پيو وڃي.

هر انسان جيت جڻيي کي پنهنجو گهر کپي. اسين جبل ٽڪي ٽاڪي رهيا آهيون. شهر ۽ ڪارخانن جو زهريلو فضلو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري پوليوشن پکيڙي، ميرين ايڪو سسٽم کي هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهيون. تمر جي ٻيلن کي ختم ڪري عمارتون اڏي رهيا آهيون. ڊيلٽا ڏانهن ايندڙ تازو ۽ مٺو پاڻي بند ڪري سڄو ماحولياتي نظام برباد ڪري رهيا آهيون. جڏهن اسين پوري Habitat ئي ختم ڪري ڇڏينداسين ته باقي بچندو ڇا؟ هن امن جي ولايت کي ڪيئن ڏنجهن جو ڏيهه بڻايو ويو. ڪراچي کان وٺي شاڪرا ڍنڍ تائين سڄي ڪوسٽل بيلٽ کي پوليوشن جي بلا بڇي باقائدي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ماحولياتي گدلاڻ وڌڻ جا ڪيئي ڪارڻ آهن. ٿورو ان تي نظر وجهون.SITE جي ڪارخانن ۽ شير شاهه جي ٽينرين جو ڪيميڪل وارو پاڻي لياري نئين ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو. شهر جو سمورو ڪنو پاڻي جتان آين اتان سمنڊ ڏانهن نيڪال ڪيو ويو. سنڌ جي سهڻي خوبصورت ڪراچي ڪني کان ڪني ٿي وئي. ان وقت جي صدر ايوب خان سياڻپ ڪري پاڪستان جي گادي ڪراچي کان کڻي وڃي پوٺوهار جي پهاڙن تي رکي. ڀلو ٿيو. ڪلفٽن ڪريڪ، گزري ڪريڪ ڪنيون ٿينديون ويون. سمنڊ زهر جا ڍڪ پيئندو رهيو. اها جيڪا ڪلفٽن ڪريڪ آهي، هاڻ ڪراچي شهر ۾ اچي وئي آهي. ڪنهن دور ۾ هي صاف سٿرو علائقو هو. هتي پارسين جا خوبصورت بنگلا ۽ سيٺ بهرام جي بيچ لگزري هوٽل ۽ ٻيون عاليشان عمارتون هيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اعلى اختيارين کي ڪنهن صلاح ڏني ته، بيچ لگزري هوٽل ۽ اهي رهائشي بنگلا ڍاهي اهو علائقو سامونڊي بچاءُ واري کاتي جي حوالي ڪيو وڃي. سيٺ بهرام کي جڏهن انهي چرپر جي خبر پئي، ته هن اها ڳالهه حيدرآباد واري مشهور وڪيل غلام نبي ميمڻ سان ڪئي، جيڪو هن وقت وزير قانون هو. غلام نبي ميمڻ هن وقت جي صدر ايوب خان کان ٽائيم وٺي، ملاقات ڪري عرض ڪيو ته سائين، “هي پارسي لوڪ راڄ اشراف، پرائي کان پري، ڪنهن جيءَ ۾ ڪونه. هنن کان هنن جون ملڪيتون کسي، هنن کي اُٿاري دربدر ڪرڻ سان، نه شهر جي دفاع جي تقاضا پوري ٿيندي، نه ئي اهو ڪو سٺو قدم سمجهيو ويندو.” ايوب خان سياڻو هو. ڳالهه سمجهي ويو. حڪام کي هدايتون ملي ويون. پارسين تان مصيبت ٽري وئي. (راوي گلفام ميمڻ) ڪورنگي ڪريڪ جو حال به اهڙو ئي ڪيو ويو. لانڍي انڊسٽريل ايريا ۽ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي ڪارخانن جي ڪيميڪل جو ڇوڙ به هن ڪريڪ ذريعي سمنڊ ۾ ڪيو ويو. ملير نئين جنهن کي عرف عام ۾ ملير ندي سڏيو ويندو آهي، ان جي به ڏکن ڀري ڪهاڻي آهي. کيرٿر جبل جي پاڇاڙ وارين ٽڪرين سورجاڻو، گڏاپ، وغيره جي سهڻين بٺين جو برساتي پاڻي کڻي هي نئين به ڪورنگي وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن جي ڪنڌين سان جوکين، ميمڻن، ٻروچن ۽ مقامي ماڻهن جا خوبصورت باغ هئا. انگريزن جي دور ۾ هن ۾ کوهه کڻائي، ڪراچي شهر کي پاڻي پهچايو ويندو هو. پاڻي ڀري گڏهه گاڏن تي کڻي شهر اچبو هو. اتان ماشڪي پخالون ڀري شهرين کي پهچائيندا هئا. ان ملير نئين ۾ به گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويو، جنهن ماحولياتي گدلاڻ کي ويتر وڌائي ڇڏيو. نئين جي پاڻي تي ٿيندڙ سبزي گهٽجڻ لڳي. زيتونن، انبن، چيڪن، پپيتن ۽ سيتاڦل جا خوبصورت باغ سڙڻ ۽ سڪڻ لڳا. لانڍي ڪورنگي جي رهائشي علائقن ۽ لٺ بستي جي ڪوس گهرن جو نيڪال به سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لڳو. ٺٽي ضلعي جي گهارو ۽ داٻيچي انڊسٽريل ايريا جو ڪيميڪل وارو پاڻي به گهارو ڪريڪ ذريعي سمنڊ ۾ پهچڻ لڳو.

ٺٽي، بدين، ڪي قدر حيدرآباد ضلعن جي زمين کي سيڪ کان بچائڻ لاءِ سم نالين جو ڄار وڇايو ويو. انهن جو ڪلر وارو لوڻاٺيل پاڻي به مختلف ڪريڪس ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙيو ويو. مٿان وري ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جي هاڃي هڻي وڃي هنڌ ڪيو. اهڙي طرح انساني هٿ چراند سبب ماحولياتي گدلاڻ جي خطرناڪ حد تائين وڌڻ جي ڪري انڊس ڊيلٽا جي خوبصورت حيات رنگي (بايوڊائيورسٽي) ڦٽڻ لڳي ۽ ڪنهن جي ڪن تي جونءَ به ڪانه سُري.