گھوڙاٻاري ( ن پ ا) گھوڙاٻاري ڀرسان بڪيرا اسٽاپ وٽ ڳوٺ احمد بُڪيرا جي رهواسين بااثر عمر ڀٽي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احمد بُڪيرو، فقير محمد بُڪيرو، غلام حُسين بُڪيرو، پير بخش بُڪيرو عثمان مھر مبارڪ مھر جمن بڪيرو ۽ ٻين چيو ته بااثر زميندار تپيدار ۽ مختيارڪار سان ملي اسان کي لڏائڻ چاھي ٿو، اسان جو قديمي ڳوٺ آھي، اسان مسڪين ماڻهو آھيون، ڪاڏي وينداسين، هنن چيو ته ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ آھي، بااثر زميندار اسان جا لنگهه بند ڪري ڇڏيا آھن، ھنن ايم پي اي علي حسن زرداري، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.