گھوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) وفاقي حڪومت جي  فيڊرل بورڊ آف روينيو گھوٽڪي کي ملڪ جو مهانگو  شھر قرار ڏيندي پراپرٽي جي ڏيتي ليتي تي ساڍا 7 سئو سيڪڙو وڌائي ڇڏيو. ڪاروباري طبقي جاري ٿيل حڪم نامو فوري واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته شھرين جي راين ۽ مقامي روينيو کاتي جي آفيسرن جي رپورٽن آڌار ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو وڃي. رپورٽ مطابق ته فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران پھرين ڊسمبر 2021 تي ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٻھراڙي وارن علائقن جي آبادي رکندڙ شھر گھوٽڪي جي پراپرٽي مٿان ساڍا 7 سئو سيڪڙو ويليوايشن ٿاپي ڇڏي آھي ۽ اھڙي نوٽيفڪيشن بعد ماڻھن جي احتجاج تي عارضي طور تي ان نوٽيفڪيشن کي روڪيندي ڄاڻايو ويو ته اھو ھاڻي جنوري ۾ لاڳو ٿيندو. شهرين موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران اھڙي حڪم نامي بعد ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار مڪمل طور تي بند ٿي ويندو ۽ بيروزگاري ۾ پڻ اضافو ٿيندو.