گھارو (ن پ ا) گھاري ويجھو ٻاٻڙا روڊ تي سوزوڪي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر گھارو آندو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي زخمين جي سڃاڻپ نريش مھشوري، شاھد خاصخيلي، غلام حسين، ڀمڀي خاصخيلي، حاجرہ، محبت ٻرڙو طور ٿي،  زخمين مان ھڪ عورت ۽ ٻن مردن کي گڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي روانو ڪيو ويو.