گڏ نٿا هلي سگهون: اي اين پي جو تحريڪ انصاف کي کُتو جواب

0
48

اي اين پي تحريڪ انصاف کي گڏجي هلڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ميان افتخار سان فون تي رابطو ٿيو،  جنهن دوران مبينا ڌانڌلين خلاف پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي

اي اين پي تحريڪ انصاف سان ڪنهن به پليٽ فارم تي سهڪار کان معذرت ڪري ڇڏي

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ باني ڳالهين جو ٽاسڪ اسد قيصر کي ڏئي ڇڏيو، اسد قيصر چيو آهي ته جي يو آءِ، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ قومپرست پارٽين سوڌو سڀني سان رابطو ڪيو ويندو

 اسد قيصر پاران پرويز خٽڪ جي پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز سان ڳالهين جي ترديد ڪئي وئي آهي

پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ميان اسلم اقبال ۽ ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اسد قيصر جو ڀاءُ عاقب الله نامزد آهي

اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد اڳواڻن چيو ته ڇنڇر تي سموري ملڪ ۾ ڌانڌلين خلاف پُرامن احتجاج ڪيو ويندو، جيڪي پارٽيون سمجهن ٿيون چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ته اُهي به احتجاج ۾ شامل ٿين