اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل سنڌ جي اعتراضن باوجود ڇهين آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير طرفان آدمشماري جي نتيجن تي خدشا ظاهر اختلافي نوٽ لکيو ويو.