ڳڙهي خيرو: مقتول 6 ڄڻن جي وارثن ڪالو خان ڪٽوهر ۽ ٻين نامعلوم هنڌ تان پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پنهون ڀٽي ٿاڻي جي پوليس 6 ڄڻن جي قتل واري واقعي جي داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ناهن ڪيا، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هن چيو ته ايڏي وڏي واقعي باوجود پوليس پاران دهشتگردي جا قلم لاڳو نه ڪرڻ بدديانتي آهي.