مظفرآباد (م ڊ) نڪيال روڊ تي ڪار اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب ٻارن سميت 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ڪوٽلي – نڪيال روڊ تي ڪار اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن سبب ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا فوت ۽ 2 سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻن ڄڻن جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.