گڏيل مفادن واري ڪائونسل: ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري

0
271
گڏيل مفادن واري ڪائونسل: ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري
گڏيل مفادن واري ڪائونسل: ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري

گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڊجيٽل آدمشماري 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي، عام چونڊون 2024 تائين ليٽ ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ نئين آدمشماري جي متفقه طور منظوري ڏني وئي

ذريعن موجب ڊجيٽل آدمشماري 2023 جي منظوري بعد اليڪشن ليٽ ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، نئين ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري جو گزيٽڊ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند هوندي

نئين تڪبندين سبب عام چونڊون 2024 تائين اڳتي وڃي سگهن ٿيون، ذريعن موجب نئين آدمشماري موجب ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 10 لک ٿي وئي آهي، پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ ۽ سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ کان وڌي وئي آهي، خيبر پختونخواهه جي آبادي 3 ڪروڙ ۽ بلوچستان جي آبادي 2 ڪروڙ تائين پهتي آهي