ابو ظهبي(انٽريسٽنگ نيوز) گڏيل عرب امارتن ۾ ڇهين صدي جو قديم شهر دريافت ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گڏيل عرب امارتن جي شهر ام القيو ين ۾ ڪم ڪندڙ قديم آثارن جي ماهرن تو ام نالي گم ٿيل قديمي شهر دريافت ڪري ورتو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇهين صدي عيسوي جو اهو شهر موتين جي واپار سان مشهور هو. ماهرن موجب تو ام ڇهين صدي عيسوي ۾ رياست جو راڄڌاني وارو شهر به رهيو ۽ ان دور ۾ وڏو عروج ماڻيو . سندن چوڻ آهي ته ان دور ۾ تو ام شهر ۾ طاعون جو مرض ڦهلجڻ بعد هتان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي هئي جڏهن ته مختلف تڪرارن به تو ام شهر کي گمنامي جي ڌنڌ ۾ ڌڪي ڇڏيو جنهن سبب هي شهر گم ٿي ويو هو. ماهرن ٻڌايو ته هن شهر ۾ دريافت ٿيل عيسائي عبادتگاهه امڪاني طور ڇهين صدي جي آخر يا ستين صدي جي شروع ۾ تعمير ٿي هئي